Friday , April 19 2024

وزيراعظم جو پراڻو سياسي ساٿي ڊاڪٽرعارف علوي صدر چونڊجي ويو

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ جمهوري نظام جو مرحلو پي ٽي آءِ جي ڪاميابين سان مڪمل ٿي ويو، پي ٽي آءِ جو باني ميمبر ۽ عمران خان جو ويجهو ساٿي ڊاڪٽر عارف علوي صدر چونڊجي ويو آهي. صدارتي چونڊن ۾ فضل الرحمان ٻئي ۽ اعتزاز احسن ٽئين نمبر تي رهيو؛ غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف جو اميدوار عارف علوي 353 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي. صدارتي چونڊ لاءِ تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر عارف علوي، پيپلزپارٽي جي اعتزاز احسن ۽ اپوزيشن جماعتن جي گڏيل اميدوار مولانا فضل الرحمان وچ ۾ مقابلو ٿيو. مجموعي طور پي ٽي آءِ اميدوار  عارف علوي 353 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته مولانا فضل الرحمان 185 ۽ پ پ اميدوار اعتزاز احسن 124 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري سگهيو.

صدارتي چونڊن لاءِ پارليامينٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبليز ۾ پولنگ جو عمل صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهيو. پارليامينٽ ۾ پولنگ دوران 432 مان 424 ووٽ ڪاسٽ ٿيا ۽ 6 ووٽ رد ڪيا ويا جڏهن ته ٻن ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو. پارليامينٽ هائوس مان عارف علوي 212، مولانا فضل الرحمان 131 ۽ اعتزاز احسن 81 ووٽ حاصل ڪيا. پنجاب اسيمبلي ۾ 354 ووٽن مان 351 ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ 183 مان 158 ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. بلوچستان اسيملي ۾ 61 مان 60 ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو جڏهن ته اڳوڻي وڏي وزير ثناءَ الله زهري صدارتي چونڊن ۾ ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏنو. ڪي پي اسيمبلي ۾ 112 مان 111 ميمبرن صدارتي چونڊن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو،  آزاد ميمبر امجد آفريدي ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏنو. بلوچستان اسيمبلي مان عارف علوي 46 ۽ مولانا فضل الرحمان 15 ووٽ حاصل ڪيا، بلوچستان مان پ پ اميدوار اعتزاز احسن ڪو به ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو.

صدارتي چونڊن جي فارمولا تحت سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي جا مجموعي ووٽ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن ۾ ورهايا ويندا. سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ اميدوار اعتزاز احسن 100 ۽ پي ٽي آءِ اميدوار عارف علوي کي 56 ووٽ مليا جڏهن ته فضل الرحمان رڳو هڪ ووٽ حاصل ڪري سگهيو، چونڊ فارمولا تحت سنڌ اسيمبلي مان مجموعي طور اعتزاز احسن کي 39 ۽ عارف علوي  22 ووٽ مليا. ڪي پي اسيمبلي ۾ عارف علوي 78، فضل الرحمان 26 ۽ اعتزاز احسن 5 ووٽ حاصل ڪيا، صدارتي چونڊن جي فارمولا تحت ڪي پي مان عارف علوي کي 41، فَضل الرحمان کي 13 ۽ اعتزاز احسن کي 2 ووٽ مليا. پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ اميدوار عارف علوي کي 186، فضل الرحمان کي 141 ۽ اعتزاز احسن کي 6 ووٽ ملي سگها، جڏهن ته 18 ووٽ خارج ڪيا ويا. صدارتي چونڊن ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي واڌايون ڏنيون. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته صدارتي چونڊن جو حتمي نتيجو سڀاڻي ڪيو ويندو. صدر ممنون حسين جو مدو 8 سيپٽمبر تي پورو ٿي رهيو آهي، نئون چونڊيل صدر عارف علوي 9 سيپٽمبر تي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *