Friday , April 19 2024

وحشي صفت جوابدار سارنگ شر ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

خيرپور (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وحشي صفت سارنگ شر ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، پوليس سھولتڪاري جي الزام هيٺ ھڪ ٽيڪسي ڊرائيور سميت ٻن ڄڻن کي حراست ۾وٺي ڇڏيو آھي. ٺري ميرواهه ۾ شاگردن سان بدفعلي ڪري وڊيوز ٺاھيندڙ جوابدار بگھڙ صفت رٽائرڊ استاد سارنگ شر کي خيرپور جي عدالت ۾ پيش ڪري عدالت ۾ جوابدار جي گرفتاري بابت رپورٽ پيش ڪئي،ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي درخواست ڪئي ته جوابدار سارنگ شر کان ٻارڙن سان بدفعلي ڪرڻ ۽ سندن وڊيوز ٺاهڻ وارن ٻن ڪيسن بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي انڪري سندس 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي، عدالت  پوليس جي 14ڏينھن واري درخواست رد ڪندي  جوابدار کي ٻن ڏينھن جي رمانڊ تي  پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.ٿا پوليس جوابدار رٽائرڊ استاد سارنگ شر کي سخت سيڪيورٽي ۾ خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالتي احاطي ۾ به سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا.  پوليس موجب جوابدار سارنگ شر کي هڪ نينگر سان بدفعلي جي ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل هئا، پوليس جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرز جي ٽيم پوليس جي موجودگيءَ ۾ جوابدار سارنگ شر جا جُزا وٺي ڇڏيا آھن جيڪي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اُماڻيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *