Tuesday , April 16 2024

واھَرو ويرِي ٿئي تہ پوءَ ڇا ڪجي؟ – دلشاد ڀٽو

واھَرو ويرِي ٿئي تہ پوءَ ڇا ڪجي؟
ھي 21ھين صدي جي شروعات وارو زمانو آھي.جڏھن سنڌ جي قومپرستن ۽ آزادي پسندن کي شوق جاڳيو تہ ڇو ڪراچي ۾ سنڌين کي آباد ڪجي.ان کانسواءِ آزادي انقلاب.عزت،آجپي ۽ خوشحالي جي حاصلات واري جدوجھد کي تيز ڪرڻ لاءَ پارٽي فنڊن کي وڌائجي.ان سلسلي ۾ ڪراچي جي قيمتي زمينن تي سنڌين جا ڳوٺ ٻَڌڻ جو سلسلو شروع ٿيواھا الڳ ڳالھ آھي تہ ڳوٺ قائم ڪرڻ جي بھاني پلاٽنگ ڪري زمينون غير سنڌين کي وڪرو ڪيون ويون.جيڪڏھن ڪنھن سنڌي کي ڪو پلاٽ مليو تب پئسن تي خريد ڪيائون..ٿورو ڪم اڳتي ھليو تہ ايم ڪيوايم ۽ مشرف سرڪار ڳوٺ ڊاھڻ شروع ڪيا.ان تي ڌاڙ گھوڙا شروع ٿي ۽ ڪراچي ۾ سنڌين جا قديم ڳوٺ بچائڻ لاءَ سنڌ جي قوم پرستن ۽ سُڄاڻ ڌرين ڳوٺ بچايو اتحاد قائم ڪيو.ھڪڙي اي پي سي گھرائي وئي.ان اي پي سي ۾ سمورين ڌرين شرڪت ڪئي.اي پي سي ھلندي،جڏھن ھڪڙو مشھور قومپرست اڳواڻ تقرير ڪري رھيو تہ ھڪڙي ٻُڍڙي سنڌي عورت رڙ ڪندي ان کي چيو“تہ وڏو قبضہ گير تہ تون پاڻ آھين.اسانکي ٻين مان خطرو نہ آھي پر توھان ئي قسانجي ڳوٺن ۽ گھرن تي قبضو ڪريو ٿا“.پوءِ ڪراچي ۾ سنڌين ڳوٺ بچائيندي بچائيندي قوم پرست اڳواڻن سڄي ڪراچي جون قيمتي زمينون قبضہ ڪري وڪڻڻ سروع ڪيون.ايتري قدر جو انھن جا پاڻ ۾ جھيڙا ٿيا.فائرنگون.ھڪٻئي جا ڪيترا ماڻھو ماريائون ۽ زخمي ڪيائون.ھڪڙي قوم پرست اڳواڻ پلاٽن جي قبضي پنھنجو سڳو ڀاءُ مارائي ڇڏيو.پر ڪراچي ڳوٺ بچائيندي ۽ نوان سنڌي ڳوٺ قائم ڪرڻ ڦلاڻو نگرڦلاڻو نگر.اُھي اڳواڻ جيڪي چانھ جي ڪوپ لاءِ سورن ۾ ھئا ڪراچي دوستن وٽ رھندا ھئا.انھن بنگلا کڻي خريد ڪيا.وڏيون مھانگيون گاڏيون.جڏھن ھي نگر يا سنڌين جا ڳوٺ قائم پئي ٿيا ٿيا تہ سنڌين کيسن مان ڪيئن پئسہ ڪڍيا ويا.اڃا ڪالھ جي تہ ڳالھ آھي.ڪنھن کان بہ نہ وسري آھي.سنڌين جي نالن ۾ قائم ڳوٺن ۾ اڄ غير سنڌي ويٺا آھن.مٿان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي جنھن قومپرستن کي چيو تہ اڪيلا ڇو ٿا کائو اسانکي بہ حصو ڏيو پوءِ انھن سرڪار ۽ پوليس سان گڏجي ڪراچي جون اربين روپين جو قيمتي زمينون سنڌين جا ڳوٺ قائم ڪرڻ جي قومي فريضي ۾ وڪڻي ڇڏيون ۽ھاڻ انھن ڳوٺن جي پڪي ليز پئي ٿئي.مطلب غير سنڌين جا سنڌين جي نالي ڳوٺ پڪا ٿيندا.شڪر آھي جو سپريم ڪورٽ سرڪاري زمينن تي غير قانوني صبضن جو نوٽيس ورتو آھي ڪاروبار ۾ مندي آئي.ان کان اڳ سنڌي ماڻھن کي روزگار ڏيارڻ شگر ملن.تيل ڪمپنين۽ صنعتي ادارن تي ڌرڻا لڳا پر اتان ڪيئن پئسہ ھمراھ فرار ٿيا سابہ سڀني ماڻُھن کي خبر آھي.انھن ادارن جا پورھيت اڄ بہ در بدر آھن.چون ٿا تہ ڪجھ پارٽيون مارچ ڻ۾ مارچ ڪنديون ھيون.مطلب لانگ مارچ يا پيادل مارچ.ان جو ھڪ سبب ھي ڄاڻايو پيو وڃي تہ ان وقت ضلع ٽيڪس.آڪٽراءَ ٽيڪس۽ ٽُول ٽيڪس جا ٺيڪا پنھنجي ھمراھن کي ڏياري سگھن تہ جيئن اڳواڻ جي خوشحالي سان گڏ پارٽي بہ خوشحال رھي ۽ سڄو مزي سان ويھي کائي سگھجي.سنڌ جي لُٽ مار ۽ ويساھ گھاتين جي ھن گورک ڌنڌي ۾ نہ رڳو قومپرست.آزادي پسند.جمھوريت پسند،انقلابي.پيپلزپارٽي،سول ۽ ملٽري بيوڪريسي.جاسول دارن جا اھلڳار،پوليس،سنڌ ڪم ڪندڙ مذھبي ۽ سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ صحافي بہ شامو آھن.ھُونئن سڀني جا پاڻ ۾ سياسي.نظرياتي ۽ اصولي اختلاف آھن پر ڌنڌي ۽ ڪاروبار ۾ سڀ گڏ آھن.توھان ڪنھن بہ سياسي اڳواڻ جي ڪاروبار يا ذريعہ معاش جو پيرو کڻندا تہ سندس ڪاروباري پارٽنر يا ڪو حڪومتي ڌر جو ماڻھو يا پوليس عملدار ھوندو.اڳواڻن جي اھڙين قومي ويساھ گھاتين سبب عوام جو سياست تان ارواح کڄي ويو آھي.ڪنھن سان سياسي ڳالھ ڪيو تہ ڄڻ سياست گار محسوس ٿي ٿئي.تنھنڪري اڪثر ڪري ھوٽلن.بسن۽ پبلڪ جاين تي لکيل ھوندو آھي تہ سياسي گفتگو ڪرڻ منع آھي.سنڌ جا سياسي اڳواڻ سنڌين تي ڏوھ ڏيندا آھن تہ عوام کين موٽَ نہ ٿو ڏئي پر حقيقت ھي آھي سڀني اڳواڻن کي ڀرپور موٽ ملي آھي پر جڏھن ھُو ثابت قدم نٿا بيھن۽ آھستي آھستي عوام کي سندن پرڪارن ۽ لڇڻن جي خبر پوي ٿي تہ عوام حمايت واپس وٺي.اڪثر اڳواڻن جي جھلڪ ڏسڻ لاءَ ماڻھو روڊن تي بيتاب ھوندا ھئا پر اڄ ھُو لنگھيا ٿا وڃن تب ڪير سلام نہ ٿو ورائي.اڪثر جيئرا آھن تب ڄڻ مري چڪا آھن.ڪنھنکي ياد بہ آھن.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *