Friday , April 19 2024

واٽر ڪميشن ڊي ايڇ اي کي اڏاوتون ڪرائڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) واٽر ڪميشن ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ پوري ٿيڻ تائين ڊي ايڇ اي کي هائوسنگ اسڪيم ۾  تعميراتي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ڪينٽونمينٽ بورڊ ۽ ڊي ايڇ اي ڪراچي کي پاڻي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هفتي اندر تجويزون ڏيڻ جو حڪم، واٽر ڪميشن جي سربراهه ڪراچي جي رستن تي گند ڪچرو پيل هجڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو آهي ته، ڪراچي ۾ شهرين کي پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي، ڊي ايڇ اي کي وري سوئمنگ پول ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. واٽر ڪميشن ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ پوري ٿيڻ تائين ڊي ايڇ اي کي هائوسنگ اسڪيم تي تعميراتي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪميشن ڪينٽونمينٽ بورڊ ۽ ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هفتي اندر تجويزون ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ واٽر ڪميشن پاران ٻڌڻي دوران فوڪل پرسن آصف حيدر شاهه چيو ته شهرين کي پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو ملي ۽ ڊي ايڇ او وڻ ٻوٽا پوکي رهي آهي.

ڪميشن سربراهه  ڊي ايڇ اي اختيارين کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جڏهن شهرين کي پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو ملي ته پوءِ سيڪٽرز ۽ اسڪيمون ڪيئن شروع ڪري رهيا آهيو، واٽر بورڊ ته پوري شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن شهرين کي پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو ملي ته پوءَ تعميراتي ڪم جي اجازت ڇو ڏني وئي آهي؟. جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جو چوڻ هو ته ڪي فور جي منصوبي ۾ به اوهان کي پاڻي نٿو ملي سگهي، پاور پلانٽس به موجود ناهن. عدالتي ڪميشن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ آر او پلانٽس جو به ڪو فائدو ناهي ڇو جو انهن مان کارو پاڻي نڪرندو، جيڪو صحت لاءِ نقصانڪار هوندو. ڊي ايڇ اي اختيارين جو چوڻ هو ته سمنڊ جي پاڻي کي مٺو ڪرڻ لاءِ ڊيسليشن پلانٽ کي هڪ سال ۾ فعال بڻايو ويندو. ڪميشن ڪنٽونمينٽ بورڊ ۽ ڊي ايڇ اي کي پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ بابت تجويزون پيش ڪرڻ لاءِ  هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *