Friday , March 29 2024

واٽرڪميشن:648 جاين تان گٽرن جو پاڻي سنڌوءَ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو، ايل بي اوڊي پاڻي نيڪال نه ٿو ڪري سگهي:سنڌ حڪومت جو اعتراف

Sukkur barrage 3

واٽر ڪميشن ايل بي او ڊي، ملير مان ريتي بجري جي چوري سرڪاري اسپتالن جو گند ڪچرو نيڪال ڪرڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتيون آهن، ماحوليات کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر نه ڪرڻ تي ڪميشن جي لاڳاپيل عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، ايڊووڪيٽ شهاب اوستو جو چوڻ آهي ته، ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ ٺهندڙ ڪي فور منصوب اصل ۾ بحريا ٽائون ۽ سپر هاءِ وي تي ٺهندڙ ڊي ايڇ اي لاءِ آهي.

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي  ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري نظام بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن ماحوليات جي تحفظ واري اداري جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايل بي او ڊي جي ڊزائن ۾ خرابين توڙي وفاقي سرڪار جي انتظام هيٺ هلندڙ اسپتالن جي گند ڪچري کي ضايع ڪرڻ واري نظام بابت ٻن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڇنڇر ڏينهن ڪميشن ڪارروائي شروع ڪئي ته آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ سيد جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس جي ميمبر طور واٽر بورڊ جي ايم ڊي ۽ ٻين رپورٽون پيش ڪيون.

ڪميشن ايندڙ هفتي ڪارروائي حيدرآباد ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ڪميشن جي ڪارروائي دوران ڪميشن جي سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙو سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر سعيد قريشي کان ماحوليات جي تحفظ واري اداري جي ڊي جي مقرري نه ٿيڻ بابت پڇاڻو ڪيو. ڪميشن جي پڇاڻي تي سعيد قريشي مهلت طلب ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪيو ويندو ۽ ماحوليات جي تحفظ واري اداري جي ڊي جي طور مقرري لاءِ چيف سيڪريٽري کان هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.

LBOD at Badin 3

ٽاسڪ فورس جي سربراهه جمال مصطفيٰ سيد چيو ته گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران شروع ڪيل آر بي او ڊي رٿا اڃا اڻ پوري آهي، جڏهن ته ايل بي او ڊي رٿا مڪمل آهي پر ان جي ڊزائين ۾ خرابي آهي، جنهن ڪري بدين ۾ گندي پاڻي جي نيڪال ۾ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. ايل بي او ڊي رٿا جو بدين مان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي، جنهن تي عدالت ٽاسڪ فورس کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي ايل بي او ڊي رٿا بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٽاسڪ فورس جي سربراهه جمال مصطفيٰ سيد چيو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سيوريج جو پاڻي 648 هنڌن تان سنڌوءَ ۽ ان جي ڪئنالن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو.

پهرين مرحلي ۾ ڄاڻايل سمورين هنڌن تان پاڻي جا نمونا حاصل ڪيا ويندا، جنهن کان پوءِ فوري طور ڪم شروع ڪيو ويندو. پاڻي جي چڪاس جو ڪم حيدرآباد کان شروع ڪيو ويندو.  هن چيو ته وفاق پاران مختلف رٿائن لاءِ وقت سر فنڊز نه ملڻ جيڪري به رٿائون رولڙي جو شڪار ٿيڻ جو هڪ مک ڪارڻ آهي. جمال مصطفيٰ سيد واٽر ڪميشن کي ٻڌايو ته اسان چئن مهينن کان هڪ سال جي مدي واريون رٿائون جوڙيون آهن.

ڪي فور پاڻي منصوبو ڪراچي جي شهرين لاءِ يا بحرياٽائون ۽ ڊي ايڇ اي لاءِ..؟

واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي دوران، ڪراچي واٽر بورڊ جي ايم ڊي هاشم رضا زيدي چيو ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي واري وڏي منصوبي ڪي فور تي عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي 260 ملين گيلن پاڻي روزانو شهر کي ملي سگهندو، جنهن تي شهاب اوستو چيو ته ڪي فور منصوبو ته بحريه ٽائون لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جنهن تي واٽر بورڊ جي ايم ڊي چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته ڪي فور منصوبو بحريه ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي لاءِ ٺاهيو ويو آهي. ڪي فور سان شهر ۾ پاڻي جي فراهمي بهتر ٿي سگهندي. بحريه ٽائون کي گهرج رڳو 35 ملين گيلن پاڻي آهي. ڪي فور جي لائين ۾ پنجن کان وڌيڪ ڊسٽريبيوشن پوائنٽ آهن. ڪي فور تي سول ورڪ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

جمال مصطفيٰ سيد چيو ته عدالت جي 49 سفارشن تي عمل شروع ڪيو ويو آهي. ڪي فور منصوبو به ان جو حصو آهي، صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو سنڌ جي اسپتالن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ اسپتالن مان نڪرندڙ گند ڪچري کي ضايع ڪرڻ لاءِ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته اسپتالن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ اسپتالن مان نڪرندڙ گند ڪچري کي ضايع ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ( ڊي ايڇ او) جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي،  ڄاڻايل ڪاميٽي هر هفتي ڊي جي هيلٿ کي رپورٽ پيش ڪندي. سيڪريٽري صحت پنهنجي رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ته پهرين مرحلي ۾ اسپتالن مان نڪرندڙ گند ڪچري کي ضايع ڪرڻ وارن اوزارن کي فعال بڻائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ويسٽ مئنيجمينٽ رولز 2014ع تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڪاميٽيون به جوڙيون ويون آهن. ان موقعي تي درخواستگذار شهاب اوستو ڪميشن جو ڌيان ڇڪائيندي چيو ته ملير ۾ ريتي ۽ بجري جو غير قانوني ڪاروبار هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير کان رپورٽ گهرائي وڃي جنهن تي ڪميشن ملير مان ريتي ۽ بجري کڻڻ کي حساس معاملو قرار ڏيندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير کي ضلعي ۾ ريتي ۽ بجري جي ڪاروبار بابت هفتيوار رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان موقعي تي ڪميشن سنڌ سرڪار جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر سعيد قريشي کان پڇيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت آر او پلانٽ جو انتظام تبديل ڪري ڇڏيو آهي يا نه؟ جنهن تي چيف سيڪريٽري جي فوڪل پرسن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ڪري رهيا آهيون، جنهن ڪري ان ڏس ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي. هڪ کاتي کان انتظام ٻي کاتي کي منتقل ڪرڻ لاءِ وقت گهرجي، جنهن تي ڪميشن آر او پلانٽ جي آفيسرن بابت پڻ ايندڙ هفتي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

LBOD at Badin 2LBOD at Badin 1

مٿيون ڏيک ايل بي اوڊي جو آهي

درخواستگذار شهاب اوستو چيو ته ايل بي او ڊي جو پاڻي به صاف ڪرڻ بنا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي. جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو پڇيو ته ايل بي او ڊي رٿا ۾ ڪهڙيون خاميون آهن. جنهن جو پاڻي صاف ڪرڻ بعد سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو يا ان کي صاف ڪري ڇڏيو ويندو آهي، ان بابت به رپورٽ پيش ڪئي وڃي. درخواستگذار چيو ته ايل بي او ڊي بدين جي تباهي جو مکيه سبب آهي. جنهن تي ٽاسڪ فورس جي سربراهه چيو ته ايل بي او ڊي جي ڊزائين ۾ خاميون آهن جنهن ڪري بدين جو پاڻي خراب ٿي چڪو آهي، ڪميشن چيو ته ايل بي او ڊي جي ڊزائين ۾ خاميون آهن ۽ آر بي او ڊي اڻپوري آهي. آر بي او ڊي مڪمل نه ٿي گندي پاڻي جو نيڪال ڪيئن ٿي سگهندو؟.

ان موقعي تي حيدرآباد جي ڪمشنر چيو ته سنڌو درياءَ ۽ ڪئنالن تان ڪجهه غير قانوني اڏاوتون هٽايون ويون آهن. وڌيڪ غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي لاءِ حيدر آباد جي ميئر ۽ ٻين چونڊيل نمائندن سان مشاورت ڪئي ويندي، جنهن بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي واسا جي ايم ڊي ٻڌايو ته حيدرآباد کي فراهم ٿيندڙ پاڻي ۾ ڪلورين وجهڻ لاءِ فنڊن جي ڪمي آهي. فنڊ ملڻ تي ڪلورين جي عمل کي تيز ڪيو ويندو جنهن تي ڪميشن جي سربراهه کيس چيو ته اسان کي هتي بهانا نه گهرجن. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *