Wednesday , April 24 2024

واٽرڪميشن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

Justice Iqbal

سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت واٽر ڪميشن، سنڌ جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي پاران جوڙيل رپورٽ، واٽر ڪميشن رد ڪندي چيف انجنيئر سميت لاڳاپيل اختيارين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت جوڙيل عدالتي ڪميشن جي ٻڌڻي جسٽس اقبال ڪلهوڙُ ڪئي. ڪميشن جي سربراهه چيو ته صرف حاضري جي لاءِ آفيسر ڪميشن وٽ پيش ٿين ٿا، کين ڪا ڄاڻ ناهي هوندي ته پوءِ ڪميشن ۾ پيش ڇو ٿيندا آهن؟. آفيسرن جي ڪارڪردگي زيرو آهي، 6 مهينا گذرڻ باوجود عوام کي صاف پاڻي ناهي مليو. جيڪڏهن ڪو آفيسر ڪم نٿو ڪري ته پوءِ اهو عهدي تي ڇو آهي؟. ڪارروائي دوران ايم ڊي واٽر بورڊ سيد هاشم رضا زيدي، صحت کاتي جي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، سيڪريٽري ماحوليات بقاءَ الله انڙ ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري محمد رمضان اعواڻ سميت ٻيا پيش ٿيا.

ڪميشن چيف انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ حيدرآباد جي پيش ڪيل رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رد ڪري ڇڏي، ڪميشن جي سربراهه چيو ته صرف حاضري جي لاءِ آفيسر ڪميشن وٽ پيش ٿيندا آهن جنهن کي  ڪابه خبر نه هوندي آهي  ته پوءِ هو ڪميشن ۾ پيش ڇو ٿيندا آهن. ڪميشن ۾ مڪمل رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ڪميشن سربراهه چيو ته توهان جي آفيسرن جي ڪارڪردگي زيرو آهي. جڏهن ڪو آفيسر ڪم نٿو ڪري ته پوءِ هو عهدي ته ڇو آهي، توهان پنهنجو ڪم ذميواري سان ادا ڪريو. جيڪڏهن توهان جي ڪارڪردگي سٺي هوندي ته عوام کي صاف پاڻي ملندو. جسٽس اقبال ڪلهوڙي وڌيڪ چيو ته صاف پاڻي جي لاءِ سنڌ جا ماڻهو جڳهه جڳهه تي احتجاج ڪري رهيا آهن.

واٽر ڪميشن هفتي جي اندر پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ڪميشن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ سنڌ حڪومت جي آفيسرن کي پاڻ ۾ميٽنگ ڪري سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪميشن ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ به رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو ته ايس 3  منصوبو جون 2018ع ۾ مڪمل فعال ٿي ويندو، جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته توهان پهرين مارچ جي ڳالهه ڪئي هئي هاڻي جون جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو. جنهن تي هن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته مارچ 2018ع ۾ فعال ٿي وڃي پر پمپنگ اسٽيشن جو معاملو آهي. جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته ڪوشش ڪريو ته مارچ ۾ مڪمل ٿي وڃي. ان موقعي تي ڪميشن وٽ ٽئنڪر ايسوسيشن پاران درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پاڻي جي بحران جي باوجود هائيڊرنٽس تان خانگي ادارن کي پاڻي ملي رهيو آهي ۽  واٽر بورڊ انتظاميا جي ملي ڀڳت سان پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. ڪميشن سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ کي رپورٽ سميت هفتي ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ڪميشن حڪم ڏنو آهي ته چيئرمين ٽاسڪ فورس سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرايو وڃي. 6 مهينا ٿي ويا آهن پر ماڻهن کي صاف پاڻي نه ملي رهيو آهي. ڪميشن جو اجلاس 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *