Friday , March 29 2024

هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ڦاهي، ٻيو قيد، احتجاجي تحريڪ لاءِ تيار آهيان:بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءِچار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيشنل ايڪشن پروگرام تي مڪمل عمل نه ٿيڻ، پابندي مڙهيل تنظيمن، انهن جي اڳواڻن کي گرفتار نه ڪرڻ تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن ۽ اهڙين تنظيمن وٽ اثاثا ڪٿان آيا اهو ڪير پڇڻ وارو نه آهي، اسان جي خلاف ڪيس آخر پنڊي ۾ ڇو ٿا هلايا وڃن، بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ جي ٽن وفاقي وزيرن تي پابندي مڙهيل تنظيمن سان لاڳاپا هجڻ جو الزام مڙهيندي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اربع ڏينهن 13 مارچ تي سنڌ اسيمبلي پهچي نيب هٿان گرفتار ڪيل آغا سراج دراني سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ وڏي وزير جي چئمبر ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تيقائم علي شاهه، مراد علي شاهه، نثار کهڙو ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.بلاول جذباتي تقرير واري انداز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي ڪرپشن الزامن جي جاچ دوران اسلام آباد مان گرفتار ڪيو، گرفتاري کانپوءِ چادر ۽ چوديواري  جو تقدس پائمال ڪري سندس گهر تي چڙهائي ڪئي ۽ گهر ڀاتين کي هيسايو ويو. بلاول ڀٽو زرداري نيب پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي اسلام آباد مان گرفتاري گرفتاري کي سنڌ اسيمبلي تي حملو قرار ڏنو ۽ چيو ته،نيب پاران آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارا ڪيس ٺاهڻ بلڪل ائين آهي جيئن پوليس ڪنهن جي خلاف چرس ۽ شراب رکڻ جو ڪيس ٺاهي ان کي گرفتار ڪري ڇڏي.  هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر وارو عهدو پيپلز پارٽي جو ناهي اهو عهدو سنڌ ۽ سنڌ اسيمب لي جو آهي. ثبوتن کانسواءِ آغا سراج دُراني کي گرفتار ڪيو ويو، سندس گرفتاري کانپوءِ هاڻ ثبوت ڳوليا پيا وڃن، اسان دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ڏٺو ته الزام هڻي ڪنهن کي گرفتار ڪيو ۽ پوءِ ان خلاف ثبوت گڏ ڪيا وڃن.

پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو زرداري ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته، پرويز مشرف جي جوڙيل نيب واري قانون کي اسان پنهنجي حڪومت ۾ ختم نه ڪري سگهياسين، جيڪا سندن غلطي آهي. نيب چيئرمين سراج دراني جي گهر تي چڙهائي ۽ گهرڀاتين کي هيسائڻ واري معاملي جو نوٽيس ناهي ورتو، جيڪڏهن نيب چيئرمين نوٽيس نه وررتو ته اسان پاڻ ايڪشن کڻنداسين.
www.sindhsamaachar.com بلاول پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جهڙي طريقي سان عورتن ۽ ٻارن کي يرغمال بڻايو ويو، اُن جي مذمت ڪريون ٿا. نيب کي سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، نيب اهڙو ادارو آهي، جو اُتي ملائڪن کي به ويهاريو وڃي ته اهو لازمي طور تي پوليٽيڪل انجنيئرنگ ڪندو. سندس چوڻ هو ته، آغا سراج دُراني جي گهر تي ڇاپي دوران چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو. نيب چيئرمين انساني حقن جي ڀڃڪڙي خلاف ڪوبه ايڪشن نه ورتو آهي. آغا سراج دُراني جي گهر تي ڇاپي جو مقصد ثبوت نه هو يا وري توهان آغا سراج دُراني جي گهر ۾ ثبوتن کي پلانٽ ڪرڻ پي گهريو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن دوران جعلي اڪائونٽس ڪيس تي سوموٽو وٺڻ جو مقصد ڇا هو؟ آئين جي آرٽيڪل 6 تحت اسان کي فري ٽرائل جو حق آهي، جيڪو ناهي مليو. 6 مهينن کان اسان جي بنا ڪنهن ثبوت جي ڪردار ڪُشي ڪئي پئي وڃي. غير جمهوري طريقن سان سنڌ جو حق ماريو ويو. آئون رستن تي نڪرڻ ۽ لانگ مارچ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. اسان احتجاج سوڌو ڪيترائي آپشن پاڻ وٽ رکون ٿا. پيپلز پارٽي هڪجهڙي احتساب تي يقين رکي ٿي، جيڪڏهن ڪنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي ته هڪ جهڙو نظام آڻڻ گهرجي. پ پ چيئرمين چيو ته نواز شريف جو سنڌ ۾ علاج ڪرائڻ اسان جي لاءِ اعزاز هوندو، جمهوريت کي احتساب مان ڪوبه خوف ناهي، آئون پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکندس. www.sindhsamaachar.com هن چيو ته جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس به سنڌ ۾ آهي، ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل سنڌ اندر رهي ٿو ته پوءِ ڪيس راولپندي ڇو منتقل ڪيو پيو وڃي؟ راولپنڊي ۾ اهڙو ڇا آهي جو ڪيس اوڏانهن منتقل ڪيو پيو؟ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي راولپندي منتقلي اختياري حدن واري اصول جي ڀڃڪڙي آهي.

پيپلز پارٽي هڪجهڙي احتساب تي يقين رکي ٿي، جيڪڏهن ڪنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي ته هڪ جهڙو نظام آڻڻ گهرجي. پ پ چيئرمين چيو ته نواز شريف جو سنڌ ۾ علاج ڪرائڻ مون لاءِ اعزاز هوندو، جمهوريت کي احتساب مان ڪوبه خوف ناهي، آئون پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکندس .هن چيو ته جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس به سنڌ ۾ آهي، ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل سنڌ اندر رهي ٿو ته پوءِ ڪيس راولپندي ڇو منتقل ڪيو پيو وڃي؟ راولپنڊي ۾ اهڙو ڇا آهي جو ڪيس اوڏانهن منتقل ڪيو پيو؟ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي راولپندي منتقلي اختياري حدن واري اصول جي ڀڃڪڙي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *