Thursday , April 25 2024

هڪ سخت گير آمريڪا کي انتهاپسندي جي باهه ۾ اڇلائڻ چاهي ٿو..؟ ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو

 trump2

اقبال جو مشهور ”شڪوه“ اڄ جي عالمي سياست ۾ آمريڪا ۽ مسلم دنيا جي لاڳاپن سان مڪمل طور ٺهڪي اچي ٿو ۽ ڪيترن ئي مسلمان ملڪن منجهان رکي رکي ”اگر هم وفادار نهين، تو ڀي تو دلدار نهين“ واري صدا جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي. ڏٺو وڃي ته اهو مسلم ملڪن جو پنهنجو ڪيو ڪرڻيو آهي، جيڪو مسلمانن کي هاڻي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ يورپ ۾ ٺهندڙ نيٽو، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ اسلامي بلاڪ ۽ جهادي گروپن مان مني صديءَ تائين ڀرپور سياسي فائدو حاصل ڪندڙ آمريڪا خود هينئر پنهنجي تخليق کي ڊاهڻ ۽ بندشون وجهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. آمريڪي اليڪشن مهم جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ٽرمپ جون تقريرون ٻڌڻ کانپوءِ مون پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته، ٽرمپ آمريڪا جو گوربا چوف ثابت ٿيندو، پر هاڻي ڏٺو وڃي ته هن ۾ گوربا چوف واري دانشورانه سوچ بجاءِ هڪ سختگير مذهبي شخص ۽ ڪارخانيدار سيٺ وارو دماغ گهر ڪري ويٺل آهي يعني ٻين مذهبن کان نفرت ۽ واپار ۾ هر حال ۾ مفافعو ڪمائڻ واري جستجو-

اڄ جي عالمي سياست ۾ ڪارل مارڪس جي اها چوڻي سچ ثابت ٿي رهي آهي ته هڪ ڏينهن سرمائيدار دنيا پنهنجي اندروني تضادن جو شڪار ٿي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي، پر افسوس جو هن ڏاهي جي سرمائيداري متعلق ڪيل تشريحن کي ڪميونسٽ روس جي وصال کان پوءِ تنقيد سان گڏ کِل جو نشانو بڻايو ويو پر اڄ سرمائيدار دنيا جو سر موڙ ملڪ آمريڪا انهن تضادن جو شڪار آهي. گذريل نومبر ۾ ٽرمپ جي اليڪشن کٽي اچڻ کانپوءِ آمريڪا جي چئن رياستن ملڪ کان عليحده ٿيڻ جو اڻ سڌو اشارو به ڏئي ڇڏيو هو، ۽ جنوري ۾ سندس صدارتي گادي تي براجمان ٿيڻ کانپوءِ سڄي يورپ ۾ ٿرٿلو متل آهي. هن فيل مست صدر جا آرڊر ۽ پاليسيون واقعي به ايترو جلد هضم ڪرڻ لائق ڪو نه آهن. مارڪس کانسواءِ هڪ ٻئي مشهور ڏاهي ٽوئن بي جو چوڻ هو ته، هڪ ڏينهن آمريڪا پاڻ پنهنجن ٺاهيل قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي انتشار جو شڪار ٿي ويندو.

اڍائي صديون اڳ ڇڙ وڇڙ ڪالونين مان جنم وٺندڙ هن قوم ان وقت جي سرمائيدار يورپي قومن جو مقابلو ڪري آزادي ورتي ۽ اتر آمريڪا کنڊ تي مڪمل قبضو ڪيو. انهيءَ قبضي دوران هنن سامهون ايندڙ ڌرتي ڌڻين کي به تهس نهس ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ اڳتي وڌي پوري دنيا ۾ سپرپاور قوم جو درجو ماڻي ورتو، بلڪه ائين چئجي ته آمريڪي قوم ”ڄمندي ئي ڄام“ واريون سڀئي صلاحيتون رکندڙ قوم طور دنيا اڳيان پاڻ کي مڃائي ورتو. هن قوم کي هڪ طاقتور ملڪ بڻجڻ لاءِ قدرت طرفان بهترين ماحول مهيا ڪري ڏنو ويو، ڇاڪاڻ جو جاگرافيائي لحاظ سان دنيا کان ڪنڊائتي ٿيل ڌرتي جي هن ٽڪري جي ترقي ۾ وڏو هٿ ڌارين آبادڪارن جو آهي. مختلف قومن ۽ ملڪن جا بهترين دماغ هن سرزمين تي ايندا ويا ۽ هن جي ترقي ۾ حصو وٺندي هتان جا ٿي ويا. آمريڪا جي طاقتور ملڪ بڻجڻ جو هڪ ٻيو سبب اتي هڪ مستحڪم فيوڊل ڪلاس جو نه هجڻ هو، ڇاڪاڻ ته ترقيءَ جي سڀني راهن ۾ وڏي رڪاوٽ فيوڊل ڪلاس ئي هوندو آهي. هن طبقي جي ذري گهٽ نه هجڻ سبب آمريڪا ۾ طبقاتي ۽ يورپي ماڊل وارا ٻيا انقلاب ته نه اچي سگهيا، البته پهرين عالمي جنگ جي خاتمي ۽ روس جي بالشويڪ انقلاب جي ويجهڙائي وارن سالن ۾ هڪ آدرشي انقلاب ته آمريڪا جي ووڊرو ولسن به آندو هو ۽ ان آدرشي انقلاب کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ٻي عالمي جنگ دوران آمريڪي صدر روزويلٽ برطانوي ۽ روسي اتحاد جو ساٿ ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ترتيبوار عالمي امن قائم رکندڙ اهم ادارن ”ليگ آف نيشنز“  ۽ ”يونائيڊ نيشنز“ جنم ورتو. جن واقعي به پوري دنيا ۾ وڏو انقلاب آڻي ڏيکاريو. ٽيون اهم عنصر جنهن آمريڪي قوم کي عظيم ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سو تحرير، تقرير ۽ مذهبي آزادي آهي. مجموعي طور آمريڪا هڪ غير طبقاتي ۽ مڪمل مذهبي آزادي وارو ملڪ رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا جا اڏيندڙ سندس سڀئي ابا، ڪنهن نه ڪنهن طرح يورپ جي انقلابي ميراث جي پيداوار هئا، البته آمريڪا سماجي اڻبرابريءَ جي لاهن چاڙهن جو شڪار ضرور رهيو ۽ رهندو اچي ٿو.

اها ته هئي آمريڪا جي ماضي واري تاريخ جي هڪ جهلڪ، جنهن آمريڪين کي دنيا جي طاقتور ترين قوم بڻائڻ ۾ مدد ڪئي پر شاندار ماضي وارو آمريڪا آهستي آهستي سامراجيت جي منزلن کي ڇهڻ کانپوءِ منزل ڏانهن روان دوان آهي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي اليڪشني مهم دوران آمريڪا جي شاندار ماضي واپس آڻڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي ۽ مشرف جي ”سب سي پهلي پاڪستان“ وانگر ”آمريڪا فرسٽ“ جا نعرا به هڻندو رهيو آهي، پر ڏٺو وڃي ته اڄ تائين ”آمريڪا فرسٽ“ واري سلسلي ۾ سندس نڪتل ارڙنهن آرڊر آمريڪا کي سندس شاندار ماضي موٽائي ڏيڻ  بدران تباهيءَ ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته مارڪسي نقطهءِ نظر کان سپر پاور جو خطاب ماڻڻ کانپوءِ آمريڪا کي تنزل ڏانهن اوس وڃڻو آهي. هي اسلام خلاف اعلانيه جنگ ۽ مسلمانن سان نفرت آمريڪا جي ڪهڙي شاندار ماضي جي نشاندهي ڪري ٿي؟ اتي ته آئيني طور مذهب ماڻهو جو شخصي مسئلو آهي، حڪومت ۽ رياست جو مذهب سان ڪو به وهنوار رهڻو ڪو نه آهي پر ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا جي پرڏيهي پاليسي جو نظرياتي استاد اسٽيفن بينن پنهنجن گونجندڙ بيانن ۾ واضح طور چئي چڪو آهي ته آمريڪا اسلامي انتهاپسندي خلاف عالمي جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهي. عربن کان کان وٺي مسلم دنيا جي سڀني سيڪيولر سوچ رکندڙ ماڻهن کي خبر آهي ته انتها پسندن جو جنم ڪهڙن ڪهڙن ملڪن ۾ ٿيو آهي پر ان جي سزا وري يمن، شام، صوماليه ۽ عراق جي غريب مسلمانن کي ڏني وڃي ٿي. اسلام عالمگير مذهب آهي جنهن فسطائيت خلاف ويڙهه وڙهڻ جي تلقين ڪئي آهي. ٽرمپ اصل فاشسٽن کي ڇڏي غريب مسلمانن تي هلان ڪري رهيو آهي ۽ اسلام سان جنگ جو اعلان ڪري سڀني مسلمانن ۽ ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي به دل آزاري ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح ماضيءَ جو آزاد ۽ روشن خيال آمريڪا ڊونلڊ ٽرمپ جي اڳواڻي ۾ فسطائيت ڏانهن به قدم کڻي چڪو آهي. آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمان جيڪي هاڻي آمريڪي قوم جو حصو بڻجي چڪا آهن، تن جي آبادي پوري آمريڪا جي آباديءَ جو هڪ سيڪڙو مس آهي. مسلمانن خلاف سندس صدارتي حڪم ۽ اسلام خلاف جنگ مان معلوم ٿئي ٿو ته هاڻي سماجي طور آمريڪا نسلي گروهه وارو ملڪ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ آزادي ماڻن وقت پوري آمريڪا جي آبادي چاليهارو لک کن هئي، جڏهن ته آمريڪا ۾ پهريان مسلمان ملاح ڪولمبس سان گڏ يورپ کان هت پهتا هئا. اهڙي طرح آمريڪا ۾ مسلمان ڊونلڊ ٽرمپ جي ابن ڏاڏن کان به هڪ صدي اڳ آمريڪا ۾ موجود هئا.

اڪثر مسلمان ملڪ سوويت مخالف ملٽري اتحادن ۾ آمريڪا جا ٻانهن ٻيلي رهيا آهن. اهي ڪهڙا ڪم آهن، جيڪي آمريڪا پنهنجي مفادن جي پورائي لاءِ مسلمان ملڪن کان نه ورتا هجن يا انهن نه ڪيا هجن. هتي ته چوڌري خليق الزمان ۽ لياقت علي خان اسلامي بلاڪ جا تصور ڏنا. سعودي مولوين هر اها فتوا جاري ڪئي، جيڪا آمريڪا جي مفادن وٽان هئي يا سندس ڏانءَ جي هئي. اڪثر مسلمان حڪومتن ۽ اقتداري ڌرين جو سياسي قبلو واشنگٽن ڊي سي رهيو آهي. مسلمان نوجوانن ۾ آمريڪا ۽ سندس حوارين جي پروپگينڊا سبب اڄ به مذهبي جذبو موجود آهي، پر شايد کين گهٽ خبر آهي ته OIC، اسلامي بينڪ، عالمي اقتصادي اسلامي مجلس، بين الاسلامي مجلسِ محققين وغيره سڀ انهيءَ ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪا جي مفادن جي تحفظ ۾ سوويت روس سان جنگ وڙهڻ لاءِ ٺاهيا ويا هئا. دنيا جي مسلمانن کي هاڻي آمريڪا جي ٺاهيل ۽ ٺهرايل اتحادِ اسلامي، اسلامي بلاڪ ۽ پان- اسلامزم جهڙن نعرن مان نڪري مولانا عبيدالله سنڌي جي سامراج مخالف اسلامي تشريح تي هلڻو پوندو. دنيا ۾ مذهبي انتهاپسند تحريڪ جا بنياد رکندڙ ٻه آمريڪي پرڏيهي وزير فاسٽر ڊلس ۽ ڊين ايچي سن رهيا آهن. روس خلاف ويڙهه شروع ڪرڻ جو پهريون اعلان آمريڪي صدر ريگن ڪيو هو. خوف آهي ته متان مسلم دنيا جي ڪنهن ڪنڊ منجهان ان تي به لبيڪ جي صدا اٿي نه پوي ۽ ٽرمپ ڊاڪٽرائين جو ڪو حامي پئدا ٿي پوي. هن وقت ريپبلڪن پارٽي جي قيادت درحقيقت هڪ نئين آمريڪا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن تحت نيٽو مان به هٿ ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. ٽرمپ لاءِ نيٽو هڪ متروڪ ۽ پراڻي نسخي کان وڌيڪ ڪا به حيثيت نٿو رکي. ڏٺو وڃي ته نيٽو جيتوڻيڪ يورپ کي ڪميونسٽ تحريڪ يا اڳرائي کان بچائڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر ان جو اڄ تائين اصل لاڀ آمريڪا کي ئي حاصل ٿيو آهي. ڪڏهن افغانستان ته ڪڏهن عراق ۾ آمريڪي مفادن جي بچاءَ لاءِ نيٽو جا جهنڊا جهولندا نظر آيا آهن ۽ اڄ جڏهن عراق ۽ افغانستان ۾ ڪم پورو ٿيو آهي ته نيٽو به متروڪ مال وانگر آمريڪي صدر کي نظر اچي رهيو آهي. آمريڪي صدر ريگن کي ان وقت اها ڳالهه نه وڻندي هئي، جڏهن سوويت روس هٿيار وڪرو ڪندڙ ملڪن جي پهرين لسٽ ۾ شامل هوندو هو، جڏهن سوويت روس جون فوجون ڪيوبا، افغانستان ۽ مشرقي يورپ ۾ موجود هونديون هيون ته ريگن کي روس هڪ شيطاني سلطنت نظر ايندو هو، پر اڄ جي عالمي تناظر ۾ رڳو گذريل سال ۾ 210 ارب ڊالر جا هٿيار وڪرو ڪري آمريڪا پهرين پوزيشن تي بيٺل آهي، ۽ اڄ جي روس فقط يارنهن ارب ڊالر جا هٿيار وڪرو ڪيا آهن. اڄ دنيا جي 138 ملڪن ۾ آمريڪي فوج موجود آهي، اهڙي طرح جمهوريت جو چيمپئن سڏائيندڙ هي ملڪ دنيا ۾ جمهوريت ڦهلائڻ بدران گن پائوڊر جو ڪاروبار ڪري رهيو آهي ۽ دنيا مان اختلافي سوچ رکندڙ ماڻهو گرفتار ڪرائي گوٽانامو بي ۽ ابو غريب جهڙا بدنام زمانه جيل ڀري چڪو آهي. ان باوجود اوباما تائين آمريڪا وٽ هڪ مستحڪم پرڏيهي پاليسي نظر ايندي هئي، پر ٽرمپ جي اقتدار جي هنن ٿورن ڏينهن ۾ ئي آمريڪي پرڏيهي پاليسي لوڏن لمن ۾ اچي وئي آهي. عرب اسپرنگ کي اغوا ڪندڙ آمريڪا هاڻي پاڻ خزائن جي ور چڙهڻ وارو آهي. پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيندڙ آمريڪا ۽ سندس صدر پوري دنيا جي تنقيد جو نشانو آهن. ٻيا ته ڇڏيو پر ماحوليات جا ماهر به ٽرمپ خلاف اٿي بيهڻ جي اپيل ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هو آمريڪا جي ڌرتي ۽ پاڻي سان اهو حشر ڪرڻ وارو آهي، جيڪو شهاب اوستو سنڌ اندر ڏسي چڪو آهي. فرق اهو آهي ته هو گٽرن کي درياهن ۾ لوڙهي ڇڏڻ جي ڳالهه نٿو ڪري پر هو گيس ۽ ڪوئلي جي گدلاڻ وارن پائيپ لائينن سان پنهنجي ملڪ جي زرخيز زمين جو خانو خراب ڪرڻ وارو آهي.

حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ته اها به آهي ته هو کلم کلا چين سان جنگ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري چڪو آهي. سندس ائين چوڻ سان هيلري ڪلنٽن جي ان بيان جي اهميت وڌي وڃي ٿي جڏهن هن چيو هو ته، ٽرمپ جي دماغ ۾ خلل آهي ۽ هو هڪ نفسياتي مريض آهي. اها عجيب ڳالهه نه آهي ته دنيا جي هڪ سپر پاور ملڪ جو صدر موسمياتي تبديلين ۽ ماحولياتي گدلاڻ واري دنيا جي مڃيل سائنسي نظريي کي مڃڻ لاءِ به تيار نه آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ ايم پي اي خيرالنسا مغل ور ور ڏئي رڙيون ڪري رهي آهي ته ماحولياتي گدلاڻ ۽ ڪلائيميٽ چينج سبب سمنڊ سنڌ جي زمين کي کائي رهيو آهي. بهرحال ٽرمپ ۽ سندس جوڙيل ٽيم نه فقط آمريڪا پر پوري عالمي اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائي چڪو آهي. شايد دنيا جا سياستدان، سائنسدان، مرد، عورتون، مذهبي ليڊر ۽ سماج سڌارڪ گروپ وغيره ان عالمي اسٽيبلشمينٽ جو حصو هجن ۽ ٽرمپ توڙي ان جي تبديلي خلاف اٿي بيٺا هجن، جيڪا هو آڻڻ چاهي ٿو. پر ظاهري طور هو پنهنجي ملڪ ۽ دنيا لاءِ مسئلا وڌائي رهيو آهي ۽ جنگ جهڙي صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *