Friday , March 29 2024

هڙتالي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪندڙ ڊي جي هيلٿ عهدو وڃائي ويٺو

حيدرآباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو چتاءُ ڏيندڙ ڊي جي هيلٿ گهر ڀيڙو، ڊاڪٽر مسعود سولنگي نئون ڊي جي مقرر ٿي ويو. مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ ڊاڪٽرن پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پگهارن جي ادائيگي، وقت تي ترقين سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڏنل احتجاج واري سڏ ۽ 28 جنوري کان او پي ڊي جي بائيڪاٽ واري اعلان کانپوءِ سرڪاري رد عمل ڄاڻن لاءِ رابطو ڪرڻ تي ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر مبين ميمڻ پاران او پي ڊي جي بائيڪاٽ ڪرڻ جي صورت ۾ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جي ڏنل چتاءُ تي ڊاڪٽرن سخت ردعمل ظاهر ڪيو. صحت کاتي ۽ پي ايم اي ۾ ٿيل ڳالهين دوران ڊاڪٽرن پاران ٻين مطالبن سان گڏ ڊي جي صحت کي هٽائڻ وارو مطالبو پڻ سيڪريٽري صحت آڏو رکيو ويو. جنهن تي سيڪريٽري صحت فوري طور ڪارروائي ڪندي ڊائريڪٽر جنرل صحت ڊاڪٽر مبين ميمڻ کي هٽائي سندس جاءِ تي ڊاڪٽر مسعود سولنگي کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر مبين ميمڻ کيس هٽائڻ واري معاملي جي تصديق ڪندي چيو ته سندس جاءِ تي ڊاڪٽر مسعود سولنگي کي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو خميس يا جمعي ڏينهن چارج سنڀاليندو. ڊاڪٽرن جي احتجاج دوران مريضن جي متاثر ٿيڻ يا ڪجهه مريضن جي موت وارين خبرن جي تصديق جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر مبين ميمڻ چيو ته سنڌ جي ڪنهن به اسپتال جي ايم ايس کيس ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي نه ڪرڻ ۽ مريضن جي تڪليفن بابت لکت ۾ شڪايت ناهي ڪئي ان ڪري نه ته ڪنهن ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ٿي آهي ۽ نه کيس ڪنهن مريض جي فوت ٿيڻ بابت اطلاع مليو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *