Thursday , April 25 2024

هٿياربندن جو پورهيت جي گهر تي حملو، سندس نوجوان نياڻي قتل

ڊکڻ ڀرسان 8هٿياربندن جو پورهيت جي گهر تي حملو، سندس نوجوان نياڻي قتل، پيرسن پورهيت مرڻينگ

شڪارپور(خاص نمائندو   سنڌ سماءَچار) ڊکڻ واري علائقي ۾ هٿياربندن لاڏائو مالوند پورهيت جي گهر تي حملو ڪري سندس نوجوان نياڻي کي قتل ۽ کيس اڌمئو ڪري ڀڄي ويا، پوليس معاملي کي ڪارنهن تڪرار جو رنگ ڏئي معاملو لئي مٽي ڪرڻ ۾ لڳي وئي آهي. ڊکڻ ويجهو ڳوٺ سمندر گوپانگ ٻاهران ڪکائين جهوپڙي ۾ رهندڙ پيرسن مالوند پورهيت موالي جعفري جي جهوپڙي تي 8 هٿياربندن انڌادنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پورهيت موالي جعفري جي نوجوان نياڻي راضل جعفري ٿي تي مارجي وئي ۽ پورهيت گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ مرڻينگ ٿي پيو. واقعي جو اطلاع تي پوليس پهتي، جنهن بعد زخمي پيءُ ۽ ڌيءُ سندس نياڻي جو مڙهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. نبي شاهه ٿاڻي جي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته، جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪجهه عرصو اڳ موالي جعفري حاجن شاهه ماڙي کان لڏي نبي شاهه وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ رهائش اختيار ڪئي، جن تي پنهجي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري ڪيو آهي. جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. مقتول ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ شڪارپور نيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *