Saturday , April 20 2024

هي سليڪٽيڊ مارين به ٿا ۽ روئڻ به نه ٿا ڏين: بلاول ڀٽو زرداري

گجرانوالا( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) پيپلزپارپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، بنگلاديشن جي ملڪ کان ڌار ٿيڻ وقت به ايتريون حالتون خراب نه هيون جيڪي اڄ آهن، مادرملت فاطمه جناح پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي ته کيس غدار قرار ڏنو ويو ۽ اڄ به ساڳيو مطالبو ڪندڙن کي غدار قرار ڏنو پيو وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گجرانوالا ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي پهرين جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ سليڪٽيڊ ۽ ان جي سليڪٽرز کي عوامي طاقت جو اندازو ٿي  ويو هوندو، وزيراعظم ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي اين آر ڏيڻ لاءِ پريشان آهي ۽ ان جو ڪنهن به وقت اعلان ٿي سگهي ٿو.

بلاول چيو ته، اوهان جي نااهلين سبب اڄ کنڊ، اٽو، ڀاڄيون ۽ عام واهپي جون شيون عوام جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن، اوهان هڪ ڪروڙ نوڪرين جي ڳالهه ڪئي پر ڪروڙين نوجوان بيروزگار آهن، پنجاهه لک گهرن ڏيڻ جي ڳالهه ڪري لکين ماڻهن کان اجها کسيا ويا آهن. پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته، حڪمرانن کان اپوزيشن جو هڪ جلسو برداشت نه ٿي رهيو آهي، عمران خان جي وائڙائپ سڀني جي اڳيان آهي، هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، فوج کي پولنگ اسٽيشنز بدران سرحدن تي هجڻ گهرجي، سياسي ادارن جو مذاق بڻائڻ بدران عوامي مسئلا حل ٿيڻ گهرجن، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرڻي پوندي، 70 سالن کان جمهوريت کي هلڻ نه ڏنو ويو، اسان ٽن نسلن کان جمهوريت جي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهيون.هن چيو ته اسان جي اسلام آباد وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي ان کان اڳ ئي هيءَ حڪومت هلي ويندي.

جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته هي اسانکي مارين به ٿا ۽ روئڻ به نه ٿا ڏين، هنن جو مقصد عوام کان سندن حڪمران جو حق کسڻ آهي، هي ته اسان جي تحريڪ کي ڏسي وائڙا ٿي ويا آهن، هنن کي خبر ناهي ته اسان هر ڊڪٽيٽر خلاف مهاڏو اٽڪايو آهي، ۽ انهن کي شڪست نصيب ٿي آهي، بلاول چيو ته حڪمرانن کي هاڻي گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو، پي ڊي ايم جي تحريڪ هنن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي. هن چيو ته اڄ ڪڻڪ اپائيندڙ هاري ماني لاءِ پريشان آهن، ڪپهه پوکيندڙ لٽي لاءِ پريشان ۽ ٻين جا گهر اڏيندڙن وٽ ڇت ڪونهي، اهو سڄو ڪمال سليڪتيڊ جو آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *