Tuesday , April 23 2024

هوائي سفر ڪري پاڪستان آيل 41هزار  ماڻهن بابت ناصر شاهه جو انڪشاف

41هزار ماڻهو  آمريڪا، برطانيا، سعودي ۽ دبئي سميت مختلف ملڪن مان پاڪستان آيا انڪري انهن بابت ڪير به نه ٿو ڳالهائي:ناصر شاهه

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) دنيا ۾ ڪرونا وائرس ڦهلجڻ کانپوءِ مختلف ملڪن مان ڏيهه آيل 41 هزار ماڻهن جي هوائي رستي اچڻ ۽ بنا ڪنهن اسڪريننگ جي گهرن ڏانهن وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سمورا ماڻهو وفاقي حڪومت جي انتهائي غيرذميواراڻي رويي ۽ لاپرواهي سبب ئي بنا اسڪيرننگ جي گهرن ڏانهن روانا ٿيا، سلسلو اڃا تائين رڪجي نه سگهيو آهي. سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه هڪ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته، پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس پکڙجڻ کانپوءِ هر ماڻهو تفتان پهتل ماڻهن باب ت ڳالهائي رهيو آهي، اهڙيون ڳالهيون ٻڌي تعجب ٿي رهيو آهي ته آخر ڪار 41 هزار انهن ماڻهن تي سڀ ڇو خاموش آهن، ايران مان ته رڳو 6هزار زائرين آيا آهن. جيڪي 8 مارچ کان هيل تائين هوائي رستي ايئرپورٽس تي پهتا، جتي انهن جي نه ڪا اسڪريننگ ٿي، نه انهن جو ڪوم رڪارڊ رکيو ويو ۽ نه  ئي صوبائي حڪومتن کي ان بابت ڄاڻ ڏني وئي. ناصر شاهه ٽي وي جي ٽاڪ شو ۾ ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ، ڇا انهن جي اسڪريننگ يا ٽيسٽ بابت ڪير به ڳالهائي ٿو؟ ضروري ناهي ته انهن مان ڪنهن کي ڪرونا وائرس هوندو، ڀلي ڪير به متاثر نه هجي پر انهن بابت ڪير به انڪري نه ٿو ڳالهائي ڇو ته اهي زائرين نه هئا؛ پر اهي آمريڪا، برطانيا، دبئي، سعودي ۽ ٻين ملڪن مان آيا هئا، اهي ملڪ به ته ڪرونا سٽيل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *