Saturday , April 20 2024

هندو پنچائت جي صدر گئو شالا تي قبضو، گودام ٺاهي ڇڏيو

لاڙڪاڻو( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) لاڙڪاڻي جي گئو شالا ۾ هندو پنچائت جي صدر پاران مبينا طور قبضا ڪري گودام ٺاهڻ خلاف پنچائت جي ميمبرن ۽ هندو برادري جو احتجاج، پنچائت جي صدر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. مظاهرين جو چوڻ آهي ته گئو شالا جي زمين تي گودام ٺهڻ سبب هڪ سئو ڳئون ۽ انهن جا ٻچڙا وڏي عذاب ۾ مبتلا آهن. مظاهرين چيو آهي ته گئو شالا مان گودام نه ڊاهيا ويا ته عدالت وڃڻ سميت احتجاج جا سمورا آپشن استعمال ڪيا ويندا. پنچائت جو صدر قبضا ڪري گودام ٺهرائي رهيو آهي جيڪو سراسر ناجائز آهي، هنن مطالبو ڪيو ته قبضا ڪري ٺهندڙ گودام ڊاهي خدشا ختم ڪيا وڃن.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي هندو پنچائت جي صدر ڊاڪٽر ڌرم پال جو چوڻ آهي ته اسان جو ڪُل 30 ميمبرن جو ڪورم آهي، جنهن مان 6 ميمبر مخالفت ڪري رهيا آهن. اسان ڪي به قبضاناهن ڪيا قبضن جا الزام هڻي سياست ٿي رهي آهي. ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديوي جو چوڻ هو ته ڌرمشالا واري معاملي تي چيج جسٽس نوٽيس ورتو هيو، جيڪو فيصلو اسان جي هڪ ۾ آيو هيو، هن وقت پنچائت جو صدر ڪنٽيمپٽ آف ڪورٽ ڪري رهيو آهي، جنهنجا نتيجا تمام خراب نڪرندا.هن چيو ته پنچائت جعي صدر قبضو ڪري ظلم ڪيو آهي، اسان جي ڪميونٽي مجبور ٿي ڪري روڊن تي نڪتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *