Friday , April 19 2024

هندو جيم خاني کانپوءِ فريئر هال ۽ پارڪ تي به قبضو،سنڌ سرڪار پاران عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو

ڪراچي ( اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) ايم ڪيو ايم پاڪستان پارڪس، عجوامي ڀلائي جي پلاٽن ۽ قديمي ماڳن تي قبضي جي ذهنيت تبديل نه ڪئي، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر پنهنجي ٺاهيل نجي بورڊ ذريعي سنڌ جي قديمي ماڳ فريئر حال ۽ پارڪ کي هڪ نجي تنظيم جي حوالي ڪري قبضو ڪرڻ جو منصوبو جوڙي ورتو آهي. وسيم اختر ” گارجين بورڊ“ نالي هڪ خانگي تنظيم سان ڪراچي جي ميئر جي حيثيت ۾ ياداشت نامي تي صحيحيون ڪيون آهن.

فريئر هال جو هڪ اندريون ڏيک      

ان ياداشت نامي تحت، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ 1865 ۾ قائم ٿيل (1863 ۾ فريئر هال جو اڏاوتي ڪم شروع ٿيو جيڪو 1865 ۾ مڪمل ٿيو) فريئر هال ۽ پارڪ، ايم ڪيو ايم پاڪستان  جي اڳواڻ ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر (جيڪو ڪراچي ۾ 12 مئي سانحي ۾ جوابدار طور نامزد به ٿيل آهي) هال کي هڪ اهڙي تنظيم جي حوالي ڪرڻ لاءِ ياداشت نامي تي صحيحي ڪئي آهي، جنهن جو نگران ۽ سرپرت اعليٰ به پاڻ آهي. ڪيل معاهدي مطابق گارجين بورڊ تنظيم، فريئر حال جو قبضُ وٺڻ بعد ان جي سار سنڀال ڪندي. هال جي سار سنڀال لاءِ ڪراچي ۾ قائم نيشنل ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين، شاهوڪار ماڻهن ۽ مختلف تنظيمن کان چندو گڏ ڪندي.

       فريئر هال ۽ پارڪ جو هڪ خوبصورت منظر               

سنڌ حڪومت فريئر هال نجي تنظيم حوالي ڪرڻ خلاف عدالت ويندي

ڪراچي جي ميئر پاران سنڌ جي تاريخي ورثي کي نجي تنظيم حوالي ٿيڻ واري عمل خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه جو چوڻ آهي ته، ڪنهن به قانون تحت تاريخي ۽ قومي ورثو قرار ڏنل جاءِ  يا ڪو ماڳ ڪنهن به نجي تنظيم حوالي نه ٿو ڪري سگهجي؛ ان لاءِ جوڙيل قانون، قائدن ۽ ضابطن مان گذرڻو پوندو آهي پر وسيم اختر اهڙي ڪا به قانوني گهرج پوري ناهي ڪئي. سردار شاهه چيو آهي ته، فريئر هال نجي بڳرڊ حوالي ڪرڻ خلاف سنڌ حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪائيندي ۽ اهڙو عمل ٿيڻ نه ڏيندي.

ڪراچي جي ميئر کي تاريخي ماڳ بابت معاهدو ڪرڻ جواختيار ناهي: ڊي جي آثار قديمه منظور قناصرو

ان سلسلي ۾ آثارقديمه جي ڊائريڪٽر جنرل منظور قاصرو چيو آهي ته، فرئير هال تاريخي ۽ قومي ورثو آهي قانوني طور تي مئير وسيم اختر کي معاهدي جا ڪي به اختيار ناهن. تاريخي ورثن بابت چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ ايڊوائزري ڪاميٽي ٺهيل آهي. ڪاميٽي جي اجازت کان سواء ڪو به معاهدو غير قانوني هجي ٿو. فرئير هال جو ڪنهن به اداري ڪمپني سان مئير معاهدو ڪيو ته اهو ان جي ذاتي فيصلو هوندو ۽ ان جي ڪا به قانوني حيثيت نه هوندي. هن چيو ته، فرئير هال جو غيرقانوني معاهدو ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *