Tuesday , March 19 2024

هزار خان بجاراڻي کي هڪ ۽ فريحا کي 3 گوليون لڳل هيون: ڊائريڪٽر جناح اسپتال سيمي جمالي

صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهر واريءَ جا مڙهه جناح اسپتال پهچائي پوسٽ مارٽم ڪيا ويا، پوسٽ مارٽم کانپوءِ هزار خان بجاراڻي جو مڙهه ڪراچي ايئرپورٽ منتقل ڪري هيليڪاپٽر ذريعي سکر پهچائي ايمبولينز ذريعي ڪرمپور پهچايو ويو. فريحا جو مڙهه پي اين ايس شفاءَ منتقل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ۾ صوبائي وزير ۽ سينئر سياستدان مير هزار خان بجاراڻي ۽ سند س گهر واريءَ  جا  گولين لڳل لاش سندن گهر مان هٿ ڪيا ويا . صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهر واريءَ فريحا رزاق جا لاش خيابان جانبار مان سندن گهر مان هٿ ڪيا ويا. پوليس مطابق مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهرواري  جا لاش سندس گهر جي اسٽڊي روم مان  هٿ ڪيا ويا. مير هزار خان بجاراڻي ۽ فريحا رزاق جي مٿي ۾ گوليون لڳل هيون.

 مير هزار خان بجاراڻي جي ترجمان تصديق ڪئي ته صوبائي وزير ۽ سندس گهر واري جا لاش مليا. واقعي جو  اطلاع ملندي ئي وڏو وزير مراد علي شاهه، گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ٻيا وزير بجاراڻي هائوس پهچي ويا. مير هزار خان بجاراڻي پ پ ۾ ڪيترن ئي عهدن تي مقرر رهي چڪو هو، جڏهن ته هوبجاراڻي برادريءَ جو سردار به هو. پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهر واريءَ جي موت بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي.

پوليس اختيارين واقعي جي شروعاتي جاچ مڪمل ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ لاش جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر سيمي جمالي مطابق مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهر واريءَ جي پهريان سي ٽي اسڪين ۽ ايڪسري ڪيو ويو،جنهن ۾ مير هزار خان جي مٿي ۾ گولي لڳل هئي،جڏهن ته سندس گهرواريءَ کي ٽي گوليون لڳل هيون.بعد ۾ڊاڪٽرن جي ٽيم مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهر واري جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو .ٻنهي فوتين  جا مڙهه ڊفينس ۾ غسل لاءِ امام بارگاهه منتقل ڪيا ويا، جتان مير هزار خان جو مڙهه سکر نيئڻ لاءِ پي ايف بيس فيصل پهچايو ويو،جتان هيلي ڪاپٽر جي ذريعي سندس لاش نيو ويو.

لاڳاپيل خبر لاءِ ڪلڪ ڪيو

       www.sindhsamaachar.com/2018/02/01/%D9%85%D9%8A%D8%B1%D9%87%D8%B2%D8%A7%D8%

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

One comment

  1. Very said accident .allah pak sy mugfarat ky talbgar hen

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *