Friday , March 29 2024

“ هزارون خواهشين ايسي ڪه هر خواهش په دَم نِڪِلَي” ، ججز ۽ جنرلز احتساب کان آجا

اسلام آباد: ( سنڌ سماءَچار نيوز) پاڪستان پيلز پارٽي، ن ليگ، نيشنل پارٽي ۽ اي اين پي سميت پاڪستان جون سمسوريون سياسي پارٽيون ان ڳالهه تي هڪ پيج تي گڏجي ويون آهن ته، ملڪ ۾ احتساب ڀلي سڀني جو ڪيو وڃي پر ججن ۽ جنرلن جو احتساب ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ اڃا فيصلو نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته ميڊيا جي ٽاڪ شوز، پريس ڪانفرنسز، سيمينارن، عوامي جلسن ۽ نجي  ڪچهرين ۾ سمورا سياستدان دانهون ڪري چوندا آهن ته احتساب رڳو سياستدانن جو نه پر سڀني جو ٿيڻ گهرجي ۽ بنا ڪنهن فرق جي هجڻ گهرجي. پر سمروين پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪري ورتو آهي ته، متوقع نئين احتساب بل مان اعليٰ عدليه ۽ جنرلز جي احتساب واري حصي/شق کي ختم ڪيو وڃي.

ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين اعليٰ عدليه ۽ فوج کي احتساب جي دائري ۾ آڻڻ بابت شق کي تجويز ڪيل قومي احتساب ڪميشن جي قيام لاءِ غور هيٺ قانون جي مسودي مان ڪڍڻ تي اتفاق ڪري ورتوآهي. پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي اجلاس بعد قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته ججن ۽ جرنيلن کي احتساب جي دائري ۾ آڻڻ بابت شق کي پاڪستان پيپلز پارٽي واپس وٺي ڇڏيو آهي. قانون واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر شيرين مزاري حڪومتي ميمبرن جي رويي ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ مناسب وقت نه ڏيڻ تي احتجاجي طور واڪ آئوٽ ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جي روڪ ٿام لاءِ موجود قومي احتساب بيورو جي جڳهه قومي احتساب ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ قانون جو مسودو پارليامينٽ ۾ ڪميٽي سطح تي غور هيٺ آهي. مخالف ڌر جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر تجويز ڪيل قومي احتساب ڪميشن جي دائره اختيار کي ججن ۽ جرنيلن تائين وسيع ڪرڻ لاءِ غور هيٺ قانون جي مسودي ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.

قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته مخالف ڌر جي ٻين جماعتن پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي به اعليٰ عدليه ۽ فوج کي احتساب جي دائره اختيار ۾ آڻڻ جي مخالفت ڪئي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هيو ته تجويز ڪيل احتساب جي قانون جي دائره اختيار ۾ عدليه ۽ هٿياربند فوجن کي نه آندو ويندو ۽ سمورين جماعتن ان نڪتي تي اتفاق ڪيو آهي. زاهد حامد جو چوڻ هو ته احتساب ڪميشن ڪميشن جي نئين سِري سان جوڙجڪ بعد نيب ۾ سمورين التويٰ هيٺ انڪوائريون ۽ ڪيس ٻين عدالتن ۾ منتقل ڪيا ويندا، زاهد حامد جو چوڻ هيو ته ڪرپشن جا ڪيس احتساب ڪميشن يا نئين عدالتن کي منتقل ٿيڻ باوجود ختم نه ٿيندا ۽ نه ئي شروع ڪيل جاچ ختم ڪئي ويندي.

قانون واري وفاقي وزير ٻڌايو ته، 1999 ۾ ٺاهيل نيب جو قانون تمام گهڻو سخت هو. احتساب جو اهڙو قانون بڻائڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ انصاف به هجي ۽ احتساب به هجي، اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي نيب کي ئي برقرار رکڻ ۽ ان جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر شيرين مزاري جو چوڻ هيو ته اها ججن ۽ جرنيلن کي احتساب جي دائره اختيار ۾ آڻڻ جي تجويز سان اتفاق نه ٿي ڪري. هن چيو ته احتساب ڪميشن جي سربراهه جي مقرري ۾ اپوزيشن ۽ وزيراعظم وچ ۾ مڪ مڪا نه ٿيڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جي ميمبر جو چوڻ هيو ته حڪومت قومي احتساب ڪميشن جي بل ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي تجويزن کي شامل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف احتساب ڪيمشن لاءِ پنهنجون ترميمون پارليامينٽ ۾ آڻيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *