Thursday , April 25 2024

هر صورت ۾ 13 جولاءِ تي وطن اينداسين، منهنجي بينظير سان ڀيٽ نه ڪئي وڃي

لنڊن ( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ)  مريم نواز چيو آهي ته، ووٽ کي عزت ڏيو واري تحريڪ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت جي خواهش رکندڙن جي نواز شريف اڳواڻي ڪري رهيو آهي ۽ انشاءَ الله تحريڪ ڪامياب ٿي ويندي، لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته، مان ۽ نواز شريف جمعي ڏينهن لاهور پهچي رهيا آهيون، سياسي ليڊرز سزائن جو ٻڌي بيماري جي بهاني سان پرڏيهه فرار ٿي ويندا آهن، اسان سزائن جو ٻڌي ڏيهه واپس اچي رهيا آهيون. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز جمعي ڏينهن وطن واپسيءَ جو فيصلو ڪيو آهي، مريم نواز چيو آهي ته جمعي ڏينهن شام جو سوا ڇهين وڳي وطن واپس پهچي وينداسين، ڪيترائي ڪارڪن اسان سان گڏ وطن واپس وڃڻ چاهين ٿا، اسان ووٽ کي عزت ڏيارينداسين. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته مان شهيد بينظير جي جدوجهد جي قدر ڪريان ٿي پر مان مريم نواز آهيان ۽ منهنجي سڃاڻپ نواز شريف آهي منهنجي ڀيٽ شهيد بينظير سان نه ڪئي وڃي.

مريم نواز جو چوڻ هو ته ته هاڻي عوام کي روڊن تي آڻڻ جي ڪال ڏيڻ جي ضرورت نه آهي، نوازشريف سان ناانصافي ٿي آهي، 25 جولاءِ تي عوام ووٽ سان ان جو جواب ڏيندا. سندس چوڻ هو ته خوشي آهي ته ڪيپٽن صفدر دليراڻي طريقي سان شينهن جيان گرفتاري ڏني آهي. مريم نواز چيو ته اسان خمس ڏينهن لنڊن مان نڪرانداسين ۽ جمع ڏينهن شام جو لاهور ايئرپورٽ پهچي وينداسين. ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته احتساب عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ڪا به ڪرپشن نه ڪئي آهي، فيصلو رڳو مفروضن جي بنياد تي ڏنو ويو، اسان سان زيادتي ٿي آهي. هن چيو ته قرباني اسان ڏينداسين ۽ ان جو ثمر پاڪستان جي عوام کي ملندو، هاڻ فيصلائيتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، ڪاميابي جلد ملندي. مريم نواز چيو ته نوازشريف پهريون ليڊر آهي، جيڪو سزا ڀوڳڻ لاءِ پاڪستان اچي رهيو آهي، نوازشريف جيڪي قربانيون ڏنيون آهي، آهي ڪنهن به ناهن ڏنيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *