Thursday , March 28 2024

”هاڻي مڙس کي نه مارينديس، چئوس گڏ رهائي“: عمرڪوٽ واسي ناري جو عدالت  کي عرض

عمرڪوٽ (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) زال جي مارڪٽ کان تنگ نوجوان عدالت پهچي ويو، سندس زال عدالت کي خاطري ڪرائي ته هاڻي هوءَ مڙس کي مارڪٽ نه ڪندي، پر نوجوان زال سان ٺاهه ڪرڻ کان عدالت کي به کُتو جواب ڏئي ڇڏيو، عدالت پاران جوڙي کي معاملو سلجهائڻ لاءِ سندس زال عدالت کي خاطري مڙس کي مارڪٽ ڪندڙ زال خلاف عدالت هڪ هفتي جو وقت ڏئي ڇڏيو آهي. عمر ڪوڙ واسي نوجوان منوج لالواڻي سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ اينڊ فئملي ڪورٽ ۾ زال جي تشدد خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي، عدالت درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته درخواستگذار منوج ۽ سندس زال مونا وڪيلن سان گڏ پيش ٿيا. درخواست گذار منوج موقف اختيار ڪيو ته، سندس زال مونا ڪُماري ساڻس وڙهندي رهندي آهي ۽ کيس روز مارڪٽ ڪري سندس زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، انڪري ان سان گڏ نٿو رهي سگهي، تنهن ڪري کيس طلاق ڏيڻ چاهي ٿو ۽ هاڻي وڌيڪ ان سان گڏ رهي  نه ٿو سگهي.  ناري مونا ڪُماري عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته جيڪو ٿيو سو ٿيو، هاڻي مڙس کي مارڪٽ نه ڪنديس. هن چيو ته، مڙس سان محبت ڪريان ٿي، هُو جتي به چاهيندو، اُتي ساڻس گڏ رهڻ لاءِ تيار آهيان، هاڻي ان کان ڪنهن به قسم جي فرمائش به نه ڪنديس. جهن  تي عدالت درخواست گذار نوجوان کان موقف پڇيو ته، ڇا هُو پنهنجي زال جي موقف کي قبول ڪري ساڻس گڏ رهڻ چاهيندو ۽ طلاق ڏيڻ واري درخواست واپس وٺندو؟ جنهن تي نوجوان منو لالواڻي عدالت کي کُتو جواب ڏيندي چيو ته، هُو زال سان گڏ نه ٿو رهي سگهي، هو کيس مارڪٽ ڪندي رهندي آهي، هاڻي ان سان گڏ نه رهندو ۽ کيس طلاق ڏيڻ چاهي ٿو. عدالت ٻنهي ڄڻن کي معاملو سلجهائي گڏ رهڻ يا نه رهڻ بابت هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي درخواست تي ڪارروائي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *