Friday , March 29 2024

”هاڻي دنيا قومي احتساب بيورو تي کِلي رهي آهي“: وفاقي وزير فواد چوڌري

قومي احتساب بيورو وزيراعظم عمران خان جي توهين ڪري رهيو آهي

هاڻي نئب کي وزيراعظم خلاف هيليڪاپٽر ڪيس واپس وٺڻ گهرجي: فواد چوڌري

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير فواد چوڌري نيٺ دلجي ڳالهه ڪري ڇڏ، سندس چوڻ آهي ته ” هاڻي دنيا قومي احتساب بيورو (نئب) تي کِلي رهي آهي، نئب هاڻي وزيراعظم عمران خان خلاف ڪيس کي ختم ڪري ڇڏي“. سڌُسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اهڙو اظهار هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام دوران انٽرويو ڏيندي ڪيو آحي. فواد چوڌري وزيراعظم عمران خان خلاف ڪي پي حڪومت جو هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻ واري ريفرنس بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته، نئب ملڪ جي وزير اعظم عمران خان خلاف، ڪي پي جي صوبائي حڪومت جو هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻ وارو ڪيس هلائڻ زيادتي آهي. هن چيو ته هاڻي دنيا نئب مٿان کِلِي رهي آهي. نئب ڪيس هلائي وزيراعظم جي توهين ڪري رهي آهي. احتساب بيورو کي گهرجي ته عمران خان خلاف اهو ريفرنس ئي ختم ڪري ڇڏي، جي توهين ڪري رهيو آهي، نيب جو عمران خان جي خلاف خيبرپختونخواهه هيليڪاپٽر ڪيس هلائڻ زيادتي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عمران خان خلاف هيليڪاپٽر ڪيس ۾ باقاعده چارج ناهي لڳايو ويو، نيب طرفان ڪيس رکڻ وزير اعظم ۽ پاڪستان جي سسٽم جي توهين آهي. فواد چوڌري چيو ته مخالف ڌر جي خلاف ڪيس توهين نه پر وزير اعظم تي بڻايا ويا، اسان جي ذاتي ويڙهه ناهي، هتي 16 – 16 ماڻهو ڪري ماڻهو وڏا وزير رهيا. سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته اهليت ۽ نااهليت سياسي نمائندن جي هجڻ گهرجي، اعظم سواتي جي استعيفيٰ منظور ناهي ٿي، اعظم سواتي پاڻ استعيفيٰ ناهي ڏني، سپريم ڪورٽ ورتي، اعظم سواتي جي ڪيس کي نواز شريف ۽ ماڊل ٽائون سان ملائڻ زيادتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *