Friday , April 19 2024

هاڻي بجلي وارا پکا وفاقي حڪومت جي مرضي وارا لڳائڻا پوندا

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت بجلي جي بچت جو نئون طريقو ڳولي لڌو آهي، حڪومتي فيصلي تحت ايندڙ سال گرمين جي مند ۾ شهري صرف اُهي پکا استعمال ڪري سگهندا جيڪي وفاقي حڪومت جي نئين تواني پاليسي تحت منظور ڪيا ويندا. سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته، وزيراعظم عمران خان جي توانائي پاليسي ۽ ويزن تحت بجلي جي بچت لاءِ مخصوص قسم جا پکا ٺاهڻ  واري منصوبي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جن جي ابتدائي سروي مڪمل ٿي وئي آهي، اهڙا مخصوص پکا ٺاهڻ جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي، انهن پکن جي معيار جي چڪاس حڪومت پاڻ ڪندي. سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي واري وزارت بابت قومي اسيمبلي جي ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي شبلي فراز چيو ته جيڪڏهن نئين ٽيڪنالوجي وارن 10 ڪروڙ پکن کي استعمال ڪيو وڃي ته گرمي جي هڪ سيزن ۾ غازي بروٿا ڊيم مان پيدا ٿيندڙ ٻيڻي بجلي روزانو بچائي سگهجي ٿي. وزيراعظم توانائي بچائڻ لاءِ جيڪا پاليسي ڏني آهي ان مطابق ايندڙ سيزن کان سائينس اينڊ ٽيڪنالوجي واري وزارت کان منظور ٿيل پکا ئي وڪرو ۽ استعمال ڪري سگهبا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *