Thursday , April 25 2024

هالا ۾ جوابدارن جي نينگر سان بدفعلي، شهرين جوابدار کي سوگهو ڪري ورتو، ڪٽڪو ڏيڻ بعد پوليس حوالي

هالا (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) هالا جي گلشن فهيم ۾ وحشي جوابدارن جي معصوم نينگر سان بدفعلي، نينگر جي رڙين تي شهرين هڪ جوابدار کي سوگهو ڪري ڪٽڪو ڏيڻ بعد پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، نينگر جي ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ساڻس بدفعلي جي تصديق ٿي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻين جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. هالا جي گلشن فهيم ڪالوني ۾ وحشي صفت ٻن جوابدار 7 سالن جي نينگر سان بدفعلي ڪئي، جنهن دوران نينگر جي رڙين تي علائقي واسين پهچي هو جواب دار ابرار عرف نومي ميمڻ کي پڪڙي کيس ڪٽڪو ڏنو، جنهن بعد ڪجهه ماڻهن وچ ۾ پئجي جواب دار کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، نينگر جي والد جو چوڻ آهي ته سندس پٽ کي ٻن جوابدارن نومي ۽ رافيل ميمڻ نينگر سان بدفعلي ڪئي آهي، رافيل ڀڄي ويو آهي. پوليس نينگر جي والد جي فرياد تي ٻن جوابدارن نومي ۽ رافيل ميمڻ خلاف اين سي داخل ڪري ورتي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي جوابدار جي ڳولا جاري آهي، کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو، نينگر جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو آهي، جنهن جي شروعاتي رپورٽ ۾ نينگر سان بدفعلي جي تصديق ٿي وئي آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر کي شئي وٺي ڏيڻ بهاني بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو، مک جوابدار گرفتار آهي، سندس ساٿي فرار ٿي ويو آهي، کين سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي. متاثر نينگر پنهنجي بيان ۾ پوليس کي ٻڌايو ته ابرار عرف نومي ۽ رافيل ميمڻ مون کي شئي وٺي ڏيڻ جي بهاني دڪان جي ڀانڊي ۾ وٺي ويا، جتي بدفعلي ڪئي وئي، نينگر چيو ته جوابدارن چاقو ۽ ڇريون ڏيکاري ڌمڪايو ته پنهنجي پيءُ سان ڳالهه نه ڪجان نه ته توکي ماري زمين ۾ دفن ڪري ڇڏينداسين، جنهن بعد مون کي ڊپ لڳو ۽ مون دانهون ڪيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *