Thursday , March 28 2024

هائو! مان اسٽبلشمينٽ جو ماڻهو آهيان، ايم ڪيو ايم پاڪستان رينجرز هيڊڪوارٽرز ۾ ڪجهه ڪلاڪن اندر ٺهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال دعويٰ ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان رينجرز هيڊڪوارٽر ۾ ڪجهه ڪلاڪن اندر ٺهي هئي، مان اسٽبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪري متحده جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي ڇڏرايو ۽ فاروق ستار جي خواهش تي ساڻس ملاقاتون ڪيو هُو مونکان اڳ ۾ اسٽيبلشمينٽ وٽ ويٺو هوندو هو. ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته فاروق ستار پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران ۽ هر صحافي کي ٻڌايو ته اسٽيبلشمينٽ کيس اغوا ڪري وئي هئي ۽ اسٽيبلشمينٽ اهو سڄو ڪجهه پي ايس پي لاءِ ڪري رهي آهي.

فاروق ستار اڌ ڪوڙ ڳالهايو پر مان اڄ سڄو سچ ڳالهايان ٿو. مڃان ٿو، ها اسان کي اسٽيبلشمينٽ گهرائي فاروق ستار سان ملايو پر جڏهن وياسين ته فاروق ستار اڳ ۾ ئي ويٺو هو، ان جي خواهش تي ئي اسان کي گهرايو ويو هو. اهو سڀ ڪجهه ڪجهه ڪلاڪن کان نه پر 8 مهينن کان جاري آهي. هن چيو ته فاروق ستار رات جو گرفتار ٿيو ۽ 5 ڪلاڪن بعد پارٽي جو سربراهه بڻجي ويو، فاروق ستار کان وڏو مهاجر دشمن ڪو به نه آهي. متحده ڌار صوبي جي ڳالهه ڇو ٿي ڪري، ان سان مهاجرن کي وڌيڪ پريشاني ٿيندي. هن چيو ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته آئون اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو آهيان. مصطفيٰ ڪمال دعويٰ ڪئي ته، حقيقت اها آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ٺهي ئي ان وقت جي ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر جي ڪمري اندر هئي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڇا فاروق ستار کي خبر ناهي ته عمران فاروق کي الطاف مارايو؟ فاروق ستار کي سڀ خبر آهي ته الطاف حسين عمران فاروق کي قتل ڪرايو. 56 ڪلاڪن ۾ هن باني خلاف لفظ ناهي ڳالهايو پر اڄ شهيدن جي يادگار تي ويو آهي ته عمران فاروق جي قبر تي بيهي سندس قاتلن خلاف بددعا ئي ڏئي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم باني ”را“ جو ايجنٽ آهي ۽ ملڪ جو غدار آهي، ان لاءِ جيڪو ڪرڻو پيو اهو ڪنداسين. صولت مرزا ماءُ جي پيٽ ۾ قاتل نه بڻيو، ان کي ايم ڪيو ايم ڏوهاري ۽ قاتل بڻايو، جيڪي ماڻهو مهاجر ڪارڊ کيڏن ٿا، انهن کان وڌيڪ مهاجر دشمن ڪو به ناهي. هن شهر، صوبي ۽ ملڪ جي امن لاءِ فاروق ستار سان ڪئميرا جي سامهون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *