Friday , March 29 2024

هاءِ ! آءُ ذولفقار علي ڀٽو آهيان – طاهر عمران (سنڌيڪار- الطاف سيال)

هاءِ ! آءُ ذولفقار علي ڀٽو آهيان – طاهر عمران (سنڌيڪار- الطاف سيال)

zulfiqar 1

”هاءِ ! مان آهيان ذوالفقار علي ڀٽو، مان آهيان مان ڏکڻ ايشيا جو فنڪار، جنهن ۾ پاڪستاني ۽ لبناني خون شامل آهي ۽ مان ڪوئير موضوع تي ڪم ڪري رهيون آهيان“.

اڳوڻو وزيراعّظم ۽ پ پ پارٽي جو باني ذولفقار علي ڀٽو جي پوٽي، ذولفقار علي ڀٽو جوئينر هڪ ويڊيو جي شروع ۾ پنهنجو تعارف ڪرائي ٿو ۽ هي ويڊيو ۽ ان ۾ ڪي ڳالهيون اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهن.

سوشل ميڊيا تي ان جي ذات جي حوالي ۽ ان جي جنسي رجحانات ۽ هن ويڊِيو تي تبصرا ڪيا پيا وڃن پر ان ويڊيو ۾اهڙو ڇا آهي ۽ ڇا ذولفقار علي ڀٽو جوئينر ان ۾ اهو سب ڪجهه چئي به رهيو آهي يا ان سان منسوب ڪري چيو پيو وڃي.

هي ويڊيو ذولفقار علي ڀٽو جوئينر جي آواز سان شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ هو هڪ عورت سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي،ان ڳالهين ۾ عربي ٻولي جو استعمال ٿئي ٿو، ان تي هو فون بند ڪري ڇڏي ٿو ڇاڪاڻ ته ان کي عرٻي ڳالهائڻ تي جهاز مان لاٿو وڃي ٿو.

ان کانپوءِ ذولفقار ڀٽو جوئينر اسڪرين پر هڪ اسٽيج تي ايندي نظر اچي رهيو آهي، جنهن ۾ هن کي ڊريگ ۽ مخنث جو روپ ۾ آهي. پويان نازيه حسن جو مشهور گانو ڊسڪو ديواني هلي رهيو هو پر اهو سڀ ڪجهه آهي ڇا؟.

جيتوڻيڪ ذولفقار علي ڀٽو جونيئر ڊر ميرڪ پراجيڪٽ جي مطابق مسلمان،مسلمين يعني مسلمان ۽ مردانگي جي عنوان تي هڪ تعليمي پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جي ذريعي هو پاڪستان ۾  مردانگي جي باري ۾ خيالن کي فن جي ذريعي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ۾ هو. پر هن پراجيڪٽ ۽ ان جا مقصد ڪنهن جي ذهن ۾ ناهن، پر بحث جو عنوان ان جا ڪپڙا، نهنهن تي لڳل نيل پالش ۽ انڊرويئر جي دوارن ڪشيدڪاري جا منظر آهن.

۽ ذولفقار علي ڀٽو جي مطابق ان مقصد ئي اهو هو ته هڪ ڪوئير مسلمان جي عنوان تي ڪم ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي،ڪير ٻڌي ٿو ؟

هن کي بلڪل پرواهه نه آهي،ان کي ناهي خبر ۽ ان ئي هو دلچسپي رکي ٿو،پر جڏهن توهان هن ۾ مزاڪ وجهو ٿا ته هو پنهنجن خيالن تي نظر ڦيرائي ٿو ۽ سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ۽ پوءِ هو سٽيريو ٽائپس تي ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو ته ڪيئن ان کي جهاز مان لاٿو ويو ۽ جنهن تي هو سوچي ٿو ته هي ڪهاڻي مون کي خبر آهي! او هي ته ڪوئير مسلمان آهي ۽ هي مخنٽ جي شڪل اختيار ڪري ان جي باري ۾ پرفارم ڪري رهيو آهي، انهي سان ماڻهو دلچسپي وٺڻ شروع ڪن ٿا ن۽ توهان انهي طرح پنهجي ڏسڻ وارن کي کي پرچائي رهيا آهيون.

مردانگي جي باري ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ رکندڙ خيالن سان ذولفقار علي ڀٽو اتفاق  نٿو رکي. هو چوي ٿو پاڪستان يا اهڙن کوڙ رياستون جيڪي  قوميت جي نظريي تي ٺهيون آهن اتي اهڙو تصور قائم ڪيو ويو آهي،رياست جو نمائيندو هڪ طاقتور مر د آهي،پر اهو بيوقوفانه تصور آهي،منهنجي ويجهو مردانگي ڇا آهي؟ مردانگي شراڪت آهي،نسوانيت آهي ۽ نرم ٿي سگهي ٿي.

هن پنهنجي پروجيڪٽ جي  حوالي سان ڳالهه ڪئي جنن ۾ آرنلڊ شوار زنيگر جي باڊي بلڊنگ جي ڪتاب تي رنگين ڪپڙي جي مدد سان پُٺن ۽ جسم جي اهم حصن تي فنڪاري ڪئي.

ذولفقار علي ڀٽو جوئينر چوي ٿو ته تاريخ اهم آهي،ڇاڪاڻ ته اسان اڄ ٺاهي رهيا آهيون اهو سڀاڻي جي بنياد تي آهي،۽ ان ۾ هن پنهنجي تاريخ جو پسمنظر به ڏنو آهي، ۽ ٻڌايو ته  مان پنهنجو ننڍپڻ تمام پرامن سان گذاريو، پر هڪ شي جيڪا ڪيترائي ڀيرا آئي اها هي هئي ته تشدد هر هنڌ آهي.

منهنجي پيءُ کي ڪراچي ۾ منهنجي گهر جي سامهون قتل ڪيو ويو هو مان هن وقت ڇهين ورهين جو هئس منهنجي ڏاڏا کي به ماريو ويو، منهنجي پڦي کي قتل ڪيو ويو منهنجي چاچا کي به قتل ڪيو ويو. اسان مان سڀني کي قتل ڪيو ويو ته منهنجي سڃاڻپ تشدد جي ذريعي ٺهي طاقت جي ذريعي ٺهي.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *