Friday , March 29 2024

ن ليگ حڪومت لاءِ وري نئون ڏچو، نين تڪ بندين تي پ پ جي ڳيجهو بڻجي وئي

اسلام آباد (خاص نمائندو- سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي جي ڳيجهو بڻجي وئي آهي، 2017 ۾ ٿيل آدمشماريءَ کانپوءِ آئيني گهرجن تحت سڄي ملڪ ۾ لازمي ٿي ويل نيون تڪ بنديون ۽ ايندڙ عام چونڊون انتهائي اهميت اختيار ڪري ويون آهن. ان معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر خاص طور پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ناهي سگهيو. اليڪشن ڪميشن جي 10 نومبر تائين آئيني ترميم منظور ڪرائڻ واري مهلت تي حڪومت منجهائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪجهه ڌريون ان معاملي تي ايندڙ عام چونڊون وقت تي نه ڪرائڻ ۽ نگران سيٽ اپ کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ به لابنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. حڪومت نين تڪبندين لاءِ ڪابينا مان ته منظوري وٺي ڇڏي آهي پر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان آئيني ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ اپوزيشن کي راضي ناهي ڪري سگهي.

ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَ چار پ پ جي ذريعن به تصديق ڪئي آهي ته جيستائين حڪومت نئين آدمشماري جي نتيجن تي ننڍن صوبن جا خدشا ختم نٿي ڪري؛ ايستائين پ پ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان ترميم جي حمايت نه ڪندي. واضح رهي ته اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه قومي اسيمبلي ۾ حڪومت تي واضح ڪري چڪو آهي ته آدمشماري تي سنڌ سميت ننڍن صوبن جا جيڪي خدشا آهن، انهن کي ختم ڪيو وڃي ۽ نين تڪبندين جي منظوري گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان ورتي وڃي. سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ موجب حڪومت ۽ پ پ وچ ۾ هلندڙ رابطن جا نتيجا سومر تائين سامهون اچي ويندا.

ان سلسلي ۾ خواجا سعد رفيق ۽ رانا تنوير خورشيد شاهه سان رابطو ڪيو پر اپوزيشن ليڊر کين صاف انڪار ڪيو آهي ته اهو فيصلو اسان جي پارٽي جو آهي، حڪومت انهن مطالبن تي سنجيدگي سان غور ڪري، ٻئي طرف اهو به معلوم ٿيو آهي ته حڪومت ايم ڪيو ايم کي راضي ڪري ورتو آهي ۽ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن پر پ پ کي راضي ڪرڻ کانسواءِ حڪومت آئيني ترميم منظور ڪرائي نه سگهندي.  ان جو سبب اهو آهي ته سينيٽ ۾ پ پ کي اڪثريت هجڻ ڪري اهڙي صورتحال حڪومت لاءِ نوان ڏڇا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

نين تڪ بندين جي سلسلي ۾، اليڪشن ڪميشن حڪومت کي 10 نومبر تائين جي مهلت ڏني آهي ته تيستائين نين تڪبندين بابت آئيني ترميم منظور ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ ايندڙ چونڊون نين تڪبندين تحت ٿيڻ مشڪل ٿي وينديون، واضح رهي ته حڪومت نين تڪبندين بابت آئيني ترميم وارو بل قومي اسيمبلي ۾ جمعي ڏينهن پيش ڪري چڪي آهي. ان ئي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته تڪبندين واري معاملي تي ڪجهه پارٽين کي خدشا آهن، جيڪي ختم ڪرڻ لاءِ پارلياماني پارٽي اڳواڻن جو ٻيهر اجلاس 8 نومبر تي گهرايو ويندو، هن چيو ته آئين ۽ قانون ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪابه گنجائش نه آهي. هن چيو ته  ڪجهه ماڻهو نٿا چاهين ته جمهوريت مستحڪم ٿئي، ڌرڻن سان ڪوبه فائدو نه ٿيندو، هن چيو ته ڪجهه ماڻهن واسڪوٽيون ۽ نوان سوٽ سبرائي ڇڏيا آهن پر اهي ناڪام ويندا، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي عدالت ۾ پيشي دوران پروٽوڪول نه پر سيڪيورٽي ڏني پئي وڃي.سردار اياز صادق چيو ته ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ جي سوچ انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي پاڪستان ۽ جمهوريت کي مضبوط ٿيندي نٿا ڏسڻ چاهين، عمران خان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان منهنجي باري ۾ چئي چڪو آهي ته آئون شريف خاندان جو ملازم آهيان، عمران هڪ سياسي پارٽي جو سربراهه آهي، کيس اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *