Thursday , April 25 2024

ن ليگ جو صدر شهباز شريف 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال وارن الزامن ۾ گرفتار اپوزيشن ليڊر ۽ ن ليگ جو صدر شهباز 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب لاهور جي حوالي ڪري ڇڏيوآهي، نيب جي جاچ ٽيم شهباز شريف کي احتساب عدالت آڏو پيش ڪري رمانڊ حاصل ڪيو. نيب شهباز شريف کي سخت سيڪيورٽي هيٺ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ ٽيم  پاران تيار ڪيل درخواست پراسيڪيوٽر عدالت آڏو پيش ڪئي. نيب جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته، پنجاب جي وڏ وزارت واري عهدي تي رهڻ دوران شهباز شريف آشيانا هائوسنگ ڪمپني ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچايو.  نيب لاهور گذريل ڏينهن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي صاف پاني ڪيس ۾ طلب ڪيو هو، پر سندس پيشي تي کيس آشيانا اقبال هائوسنگ ڪيس ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ٻڌڻي جي شروعاتي تي عدالت جي ڪمري ۾ پيهه هئڻ تي احتساب عدالت جي جج نجم الحسن شهباز شريف ۽ سندن وڪيلن کي پنهنجي چيمبر ۾ سڏائي ورتو ۽ اتي ٻڌڻي شروع ڪئي. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته شهباز شريف اختيارين اورانگهيا ۽ آشيانا اقبال هائوسنگ اسڪيم جو ڪانٽريڪٽ لطيف اينڊ سنز کان رد ڪري ڪاسا ڊويلپرز کي ڏنو، ۽ سندس اهڙي غيرقانونني قدم سان قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو.  شهباز شريف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل تي مڙهيل سمورا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن. نيب جي درخواست تي احتساب عدالت شهباز شريف جو 10 ڏينهن جسماني رمانڊ ڏئي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *