Thursday , March 28 2024

نگران وزيراعظم جي نالي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اتفاق نه ٿيو

اسلام آباد(رپورٽر      سنڌسماءَچار ) وفاقي حڪومت جي آئيني مدي ختم ٿيڻ ۾ ٻن هفتن کان به گهٽ وقت رهجي وڃڻ باوجود حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نهاي ٿي سگهيو. اپوزيشن ليڊر ۽ وزير اعظم وچ ۾ ٿيل جمعي ڏينهن واري ملاقات ۾ به نالي تي اتفاق نه ٿيڻ جي نتيجي معاملو ايندڙ اڱاري تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظ۾ جي نالي تي ايندڙ شاهد خاقان عباسي ۽ خورشيد شاهه وچ ۾ اڱاري واري ملاقات ۾ به نگران وزيراعظ۾ واري نالي تي اتفاق ٿيڻ جو ڪو به آسرو ناهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق ايندڙ خميس ڏينهن ٿيڻ جو امڪان آهي پر جيڪڏهن خميس تي به اتفاق نه ٿيو ته پوءِ معاملو ڊيگهه وٺي ويندو ۽ اهو اليڪشن ڪميشن يا پارلياماني ڪميٽي وٽ پهچندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگتران وزيراعظ۾ جي نالي جو اعلان 29 هين يا 30 هين مئي تي ڪيو ويندو.

ان سلسلي ۾ جمعي ڏينهن صبح جو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۾ ملاقات دوران نگران وزيراعظم جي نالي تي صلاح مشورو ڪيو ويو. وزيراعظم سان ملاقات ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو ته، نگران وزيراعظم جو نالو طئي نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته نگران وزيراعظم جي نالي تي مشاورت لاءِ اڱاري تي ٻيهر وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *