Thursday , March 28 2024

نگران وزيراعظم جو مامرو، ن ليگ ۽ پ پ ۾ معاملا سڌا ٿي ويا!!

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت جي آئيني مدي مڪمل ٿيڻ ۾ صرف صرف پنج ڏينهن رهجي ويا آهن، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ سميت مخالف ڌر جي ٻين پارٽين کي منجهائڻ لاءِ نالو ظاهر نه پيو ڪيو وڃي. سنڌ سماءَچار کي ذرريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، نگران وزيراعظم جي نالي واري معاملي تي اتفاق ٿي ويو آهي. نگران وزيراعظم جي نالي واري معاملي تي اتفاق نه ٿيڻ  واري ڳالهه مخالفن کي آسري ۾ رکڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته، وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر جي وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ اهو معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن ويندو، جنهن ۾ ن ليگ ۽ پ پ کانسواءِ پي ٽي آءِ سميت پارليامينٽ ۾ موجود سياسي پارٽين جي نمائندگي به هوندي.

ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ ايم اين اي سنڌسماءَچار کي نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌ سماءَ چار کي ٻڌايو ته، ” نگران وزيراعظم وارفي معاملي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه وچ ۾ سڌي ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، ٻئي ڄڻا پنهنجي پنهنجي پارٽي جي ( پيغام پهچائيندڙ ) جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر وچ ۾ اڃا هڪ ملاقات ٿيڻ آهي، جنهن بعد نگران وزيراعظم جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو“. پ پ جي سينئر اڳواڻ ٻڌايو ته، نگران وزيراعظم جي نالي تي پ پ ۽ ن ليگ جي قيادت نالا هڪٻئي ڏانهن وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر معرفت ڏياري موڪليا، جن مان 2 نالا فائنل ڪيا ويا آهن. انهن ٻن نالن مان هڪ جو اعلان ڪيو ويندو ۽ معاملو پارلياماني ڪميٽي تائين پهچڻ جي نوبت نه ايندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *