Saturday , April 20 2024

نگران سنڌ حڪومت پاران اليڪشن جو اخلاقي ضابطو جاري

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) نگران سنڌ سرڪار 25 جولاءِ تي اعلانيل عام چونڊن بابت سياسي پارٽين لاءِ اخلاقي ضابطو / هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهرو کاتي پاران جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته، عام چونڊن سرگرمين دوران ڪا به سياسي پارٽي عوامي هنڌن، عمارتن ۽ کنڀن/ٿنڀن تي جهنڊا، بئنرلڳائڻ جي اجازت نه هوندي. عوامي هنڌن تي وال چاڪنگ ڪرڻ تي به پابندي هوندي.

گهرو کاتي جي جاري ڪيل هدايت نامي / اخلاقي ضابطي ۾ واضع هدايتن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، جلسن ۾ ڪنهن به شخص / مذهب خلاف غير اخلاقي لفظ/جملا استعمال ڪرڻ تي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪٿي به جلسو ڪرڻ کان اڳ ۾ لاڳاپيل ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر کان اجازت وٺڻ لازمي هوندو، بنا اجازت جي ريليون ڪڍڻ تي به پابندي هوندي. گهرو کاتي جي هدايتن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، سياسي پارٽيون جتي به ڪو جلسو ڪنديون ته ان جلسي جي سمورين سرگرمين جي ويڊيو رڪارڊنگ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي آفيس ۾ جمع ڪرائڻ لازمي هوندو.

گهرو کاتي پاران جاري ڪيل هداتن نامي يا اخلاقي ضابطي ۾ مذهبي تقريرون ڪرڻ يا ڪنهن خلاف غير اخلاقي جملي بازي وغير ڪرڻ تي پابندي کانسواءِ بئنرز، جهنڊا ۽ وال چاڪنگ سميت ان سان لاڳاپيل ٻيون پابنديون لڳائڻ تي مختلف سياسي پارٽين ۾ ڳڻتي ڇائنجي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *