Friday , April 19 2024

نيپرا 300 يونٽس کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ 2 رپيا 98 پئسا في يونٽ بجلي سستي ڪري ڇڏي

اسلام آباد( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيپرا بجلي في يونٽ ۾ 2 رپيا 98 پئسا سَسَتي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، بجلي سستي ٿيڻ سان عام ماڻهن کي ڪو به فائدو نه ٿيندو. نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو  ويو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڊسمبر جي فِيول ايڊجسٽمينٽ جي مَد ۾ ڪئي وئي آهي جيڪو 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين تي لاڳو ٿيندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي ورهاڱي واريون ڪمپنيون فيبروري جي بلز ۾ عوام کي رليف فراهم ڪنديون جڏهن ته لائف لائن ۽ زرعي صارفين کي ان جو رليف نه ملي سگهندو. نوٽيفڪيشن ۾  چيو ويو آهي ته پيٽرول جا نوان اگهه ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *