Friday , March 29 2024

نيٺ پ پ سرڪار سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جو اعتراف ڪري ورتو

Sindh School 002

ڪراچي (سنڌ سماءَ چار نيوز) آخرڪار سنڌ حڪومت جي سرواڻ ۽ تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري اعتراف ڪري ورتو آهي ته صوبي ۾ سرڪاري تعليمي ادارن ۽ انهن جي تعليم جو معيار مطمئن ڪندڙ ناهي. سنڌ ۾ 11991067 ٻارن (5 کان 16 سال جي ڄمار) مان 52727706 اسڪول ۾ آهن ۽ 6663361 اسڪول وڃن ئي نه ٿا، مطلب ته 55.6 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. وڏي وزير جي صدارت هيٺ تعليم  کاتي جي ڪارڪردگي بابت ٿيل اجلاس ۾ ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ويو آهي ته، سنڌ ۾ 6 هزار 157 اسڪولن جون عمارتون خطرناڪ، 3 هزار 17 اسڪول غيرفعال هجڻ جو اعتراف، وڏي وزير 15 هزار پرائمري اسڪولن کي ماڊل اسڪول ڊڪلئير ڪري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ واپڊا اختيارين سان ڳالهائي سمورن اسڪولن کي بجلي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Sindh School 001

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ پبلڪ سيڪٽر ايجوڪيشن اسٽيٽس جي جائزي واري اجلاس ۾ صوبائي وزير تعليم ڄام مهتاب ڏهر، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي محمد وسيم، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري تعليم عبدالعزيز عقيلي، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي ۽ تعليم کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي پر اڃا تائين حوصلو وڌائيندڙ نتيجا سامهون نه آيا آهن. سسٽم ۾ موجود خامين تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان کي بهتر بڻائي سگهجي. سيڪريٽري تعليم عزيز عقيليءَ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پرائمريءَ لاءِ انرولمينٽ جو هدف 77 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو، جنهن مان 65 سيڪڙو هدف حاصل ڪيو ويو آهي ۽ سيڪنڊري لاءِ هدف 35 سيڪڙو مقرر ويو جنهن مان 25 سيڪڙو حاصل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته شرح خواندگي 60 سيڪڙو آهي جڏهن ته 2018ع لاءِ 70 سيڪڙي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽڪس15-2014 جي تازي شايع ٿيل رپورٽ جيڪا نيشنل ايجوڪيشن مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم اسلام آباد شايع ڪئي آهي تنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 5 کان 16 ورهين جي ڄمار جي مجموعي اسڪول جي ٻارن جو انگ 11.9 ملين آهي جنهن مان 6.66 ملين اسڪول کان ٻاهر آهن. هن چيو ته مجموعي طور تي 11991067 ٻار (پنج کان سورنهن سال جي ڄمار) جنهن مان 52727706 اسڪول ۾ آهن ۽ 6663361 اسڪول کان ٻاهر آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته ان جو مطلب اهو آهي ته 55.6 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. سيڪريٽري تعليم چيو ته 15-2014ع ۾ پرائمري سطح جي ڪرندڙ شرح 12.6 سيڪڙو هئي ۽ هر سال ان جي شرح ۾ 3 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي آهي.

Sindh School 02

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ 45555 اسڪول آهن، جن مان 42383 فعال آهن ۽ 3017 غيرفعال آهن. 16-2015ع ۾ مجموعي انرولمينٽ 4145219 هئي، جيڪا 17-2016ع ۾ بهتر ٿيندي 4229128 ٿي وئي. اهڙي ريت 83909 جو فرق ظاهر ٿيو يعني 2 سيڪڙو واڌ ٿي. اهڙي ريت 16-2015ع ۾ استادن جو انگ 156216 هو، جنهن ۾ 17-2016ع ۾ گهٽ ٿي 150787 رهجي وئي، اهڙي ريت 5429 استاد رٽائرڊ يا بايوميٽرڪ حاضريءَ واري نظام جي شروع ٿيڻ ڪري استعيفيٰ ڏئي ويا آهن.

UqailyJam Mahtab Dahar 01murad-ali-shah1

تعليم کاتي جي اهم مسئلن بابت ڳالهائيندي صوبائي وزير تعليم ڄام مهتاب ڏهر چيو ته ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون خراب حالت ۾ آهن ۽ ڪيترن ئي اسڪولن جي ڇتن جي حالت خطرناڪ آهن. ڪجهه وقت اڳ ٿيل برساتن ڪري اسٽريڪچر کي وڌيڪ نقصان رسيو آهي. ايجوڪيشن ورڪس ٿيل شديد برساتن ڪري سيپٽمبر 2017ع ۾ خراب ۽ خطرناڪ قرار ڏنل اسڪولن جي عمارتن جو هڪ سروي ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 6157 اسڪول خطرناڪ قرار ڏنا ويا جنهن لاءِ 17279 ملين رپيا انهن جي ٻيهر تعمير لاءِ گهربل آهن. وڏي وزير چيو ته رقم جي حوالي سان انگ اکر وڌائي ڪري ٻڌايا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسڪولن ۾ گورننس کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري اپاءَ ورتا ويا آهن. پرائمري سطح تي 1016 استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن ۽ ايجوڪيشن مئنيجمنيٽ ڪيڊر به متعارف ڪرايو ويو آهي.

Sindh School 03

مراد علي شاهه چيو ته هُو صوبي ۾ اسڪولن جي معيار ۽ ڪرندڙ شرح مان خوش نه آهي. هن تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي 15000 پرائمري اسڪولن کي بطور ماڊل اسڪول جي چونڊ ڪئي وڃي ۽ انهن ۾ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اتي مناسب استادن-شاگردن جي شرح رکي وڃي ۽ اتي تعليمي عمل کي مناسب نگراني ۽ انسپيڪشن ذريعي مانيٽر ڪيو وڃي. اهڙي ريت 1000 سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن کي پڻ بطور ماڊل اسڪول جي چونڊيو وڃي. هن چيو ته اهو ئي هڪ طريقو آهي ته مرحليوار بهتري آندي وڃي. هن چيو ته اها ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته اهي سرڪاري اسڪول جن کي خانگي شراڪتدار هلائي رهيا آهن اتي سٺي تعليم ڏني پئي وڃي ۽ سٺا نتيجا حاصل ٿي رهيا آهن. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته وڌيڪ سرڪاري اسڪول بنا بجليءَ جي هلي رهيا آهن. ان تي وڏي وزير ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي سوال ڪيو ته اهو ڪهڙيءَ ريت ممڪن آهي ته سٺا شاگرد سامهون اچن؟. جڏهن انهن کي بنا پکي ۽ روشنيءَ جي ڪلاس روم ۾ زبردستي تعليم ڏني ويندي؟.

Sindh School 003Sindh School 004

سيڪريٽري تعليم چيو ته ڪي-اليڪٽرڪ 119 ملين رپيا بجلي جي بل جي مد ۾ گهر ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ کي هدايت ڪئي ته هوُ ڪي-اليڪٽرڪ ۽ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو اجلاس گهرائي ۽ بلن کي ري-ڪنسائل ڪري. هن چيو ته اهو ناقابل قبول آهي ۽ مان اهڙي صورتحال کي برداشت نه ڪندس ته اسڪولن جي بجلي جا ڪنيڪشن ادائيگيءَ ڪري منقطع ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان بجلي جي بلن جي ادائيگيءَ لاءِ فنڊ مختص ڪندا آهيون ۽ ان سال به 110 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. وڏي وزير تعليم کاتي (اسڪولز) کي هدايت ڪئي ته اهي هڪ تفصيلي پلان جوڙيو وڃي ته ڪهڙي ريت تعليم جي نظام، انفراسٽريڪچر ۽ استادن جي صلاحيتن کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، ڪرندڙ شرح کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو ۽ ان حوالي سان ان کي منظوريءَ لاءِ سندن پيش ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *