Friday , April 19 2024

نيٺ پي ٽي آءِ جي حڪومت آءِ ايم ايف کان 6 ارب ڊالرز کان وڌيڪ قرض وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) مخالف ڌر ۾ رهڻ دوران آءِ ايم ايف سميت عالمي مالياتي ادارن کان قرض نه وٺڻ جون ڳالهيون ڪندڙ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اچڻ جي سوا مهيني دوران ئي آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته، حڪومت معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ فيصلو ڪيو آهي، ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ چئيلينج بڻجي ويو آهي، في الحال ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا، عوام کي برداشت ڪرڻو پوندو.  ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ آءِ ايف وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان تمام جلد آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو ويندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ وزير اعظم عمران خان به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ چئيلينج بڻجي ويو آهي، ان لاءِ حڪومت کي انتهائي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن، جڪي عوام کي برداشت ڪرڻا پوندا. اسد عمر چيو ته هن وقت ملڪ جي ڪرنٽ اڪائونٽ جو مالي گهاٽو 2 ارب ڊالرز ماهوار ٿي ويو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ جو مالي گهاٽو ختم ڪرائڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي 6 کان 7 ارب ڊالرز جو قرض حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏينداسين. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ملڪي معيشت کي درپيش مسئلا مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ چاهيون ٿا.  ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ جلد پاڪستان ايندو. گذريل ڏينهن وزير اعظم عمران خان لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃي سگهون ٿا. اسد عمر چيو ته رڳو اسان آءِ ايم ايف نه پيا وڃون، 1990 کان هيل تائين 10 ڀيرو آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *