Tuesday , April 16 2024

نيٺ رائو انوار سنڌ پوليس ۽ ٻين جون پريشانيون ختم ڪري پاڻمرادو سپريم ڪورٽ آڏو پيش

اسلام آباد(خاص رپورٽر سنڌسماءَچار) نقيب الله قتل ڪيس جو مک جوابدار رائو انوار پاڻمرادو سپريم ڪورٽ ۾ چيف جيسٽس ثاقب نثار آڏو پيش ٿي سنڌ پوليس ۽ ٻين جون پريشانيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. عدالت رائو انوار جا بئنڪ اڪائونٽس ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪندي کيس آءِ جي سنڌ اي شي خواجا جي حوالي ڪري ڇڏيو. ملير ۾ جڙتو پوليس مقابلي ۾ محسود قبيلي جي جي نوجوان نقيب الله کي جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪندڙ ملير جي تڏهوڪي ايس ايس پي رائو انوار پاڻمرادو سپريم ڪورٽ آڏو پيش ٿيو ته چيف جيسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته رائو انوار تون ته وڏو بهادر سڏائينداو آهين ۽ ڏوهارين سان مقابلا ڪندو هئين، گرفتاري جي ڀؤ کان ڪيڏانهن گم ٿي ويو هئي. جنهن تي رائو انوار جواب ڏيندي چيو ته، پوليس مون کي گرفتار ڪري پيش ناهي ڪيو پر مان پاڻ عدالت آڏو پيش ٿيو آهيان. جنهن چيف جسٽس چيو ته، عدالت آڏو پيش ٿي تو ڪو به ٿورو ناهي ڪيو.

رائو انوار جي درخواست تي سپريم ڪورٽ اي ڊي آءِ جي آفتاب پٺاڻ جي سربراهي ۾ پنج ميمبرن تي ٻڌل نئين گڏيل جاچ ٽيم / جي آءِ ٽي جوڙي سڄي ماعملي جي نئين سري سان جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ مارجي ويل نقيب الله جي وارثن ۽ محسود قبيلي کي به ان ڳالهه جو پابند ڪيو آهي ته اُهي رائو انوار کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچائيندا.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رائو انوار کي عدالت ۾ موجود آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي حوالي ڪندي کيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني. چيف جسٽس اهو به حڪم ڏنو ته، رائو انوار کي ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ راهداري رمانڊ وٺڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، ان کانسواءِ ئي سنڌ پوليس کيس ڪراچي منتقل ڪري سگهي ٿي.

عدالت آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي هدايت ڪئي ته، هُو ذاتي طور تي رائو انوار جي حفاظت لاءِ سيڪيورٽي انتظامن جي نگراني ڪري. اي ڊي خواجا عدالت کي خاطري ڪرائي ته رائو انوار جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا نتظام ڪيا ويندا ۽ هُو پاڻ انهن جي نگراني ڪندو.ان سلسلي ۾ سنڌ پوليس جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، رائو انوار گذريل ڪجهه ڏينهن کان حراست ۾ هو، عدالت ۾ پيش پوڻ يا گرفتاري ظاهر ڪرڻ سميت مختلف معاملن تي ساڻس ڳالهيون هلندڙ هيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *