Thursday , March 28 2024

نيويارڪ: سانا پاران سيوهڻ سانحي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي

zakir

 سانا پاران سيوهڻ سانحي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سانا پاران جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مذهبي ۽ انتها پسندن ۽ غير ملڪين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا سمجهي ٿي ته پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررايون هاڻ عام روايت بنجي چڪي آهي تازو ئي لاهور، پشاور، ڪوئيٽا کان پوءِ هاڻي قلندر لال شهباز جي مزار تي دهشتگردي جي بزدالاڻي حملي مان ثابت ٿئي ٿو ته ملڪ جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ عوام کي دهشتگردن جي آسري ڇڏيو ويو آهي. سانا صوفين جي سرزمين سنڌ اندر پيدا ٿيل مذهبي انتها پسندي تي گهري تفتيش ۽ قللندر لعل شهباز جي مزار تي ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. سانا سمجهي ٿي ته ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جو شڪار سنڌ صوبو آهي جنهن جو مک ڪارڻ سنڌ اندر آبادي جو بگاڙ پيدا ڪري سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ واري سازش ۽ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي افغاني پناهگيرن سميت ٻين غير ملڪين کي آباد ڪرڻ آهي. سنڌ مان افغانين سميت سمورن غير ملڪين جي فالفور نيڪالي، ڌاري آبادڪاري کي روڪڻ، سنڌي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت سنڌ جي مقدس هنڌن ۽ درگاهن تي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي درگاهن جيترا حفاظتي انتظام يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. سانا جي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر بلو جي پڌرائي موجب سانا سيوهڻ سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن سان گهري ڏک ۽ا فسوس جو اظهار ڪري ٿي ۽ هن ڏکي گهڙي ۾ متاثر ڪٽنبن سان گڏ هجڻ جو يقين پڻ ڏياري ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *