Saturday , April 20 2024

نيوزيلينڊ کانپوءِ انگلينڊ به پاڪستان اچڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) نيوزيلينڊ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ کان آخري گهڙين ۾ جواب ڏيڻ بعد انگليڊ جي ٽيم به پاڪستان اچڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته عورتن ۽ مردن جون انگلش ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان جو دورو نه ڪينديون، پي سي بي چيئرمين چيو آهي ته انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي فيصلي تي افسوس ٿيو آهي.

”پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان کي عام معافي ملي سگهي ٿي“: صدر / پرڏيهي وزير

انگلينڊ پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم جي ايندڙ مهيني / آڪٽوبر ۾ پاڪستان واري دوري وارو اعلان واپس وٺندي دورو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. انگلش ڪرڪيٽ بورڊ پاران سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي هڪ ٽويٽ ۾ چيو آهي ته، ” اسان ڏاڍو افسوس ۽ پريشاني مان ان ڳالهه جي تصديق ڪيون ٿا ته اسان جون ٻئي ڪرڪيٽ ٽيمون  ( مينز اينڊ وومينز) ايندڙ مهيني پاڪستان جي دوري تي نه اينديون ۽ پاڪستان اچڻ وارو فيصلو واپس وٺون ٿا“.  انگلينڊ جي ٽيم کي ٻن ٽي 20 مئچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪرڻو هو، جيڪو نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران راند شروع ٿيڻ جي ڪجهه گهڙين کان اڳ راند کيڏڻ کان انڪار ڪري فوري طور تي واپس روانو ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. انگلش ڪرڪيٽ بورڊ پاران هڪ بيان به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته، هلندڙ سال 2021 جي شروعاتي ڏينهن ۾ اسان آڪٽوبر مهيني دوران ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ ٻه ٽي 20 مئچ کيڏڻ تي پاسڪتان سان راظپو ظهر ڪندي فيصلو ڪيو هو آڪٽوبر ۾ پاڪستان اينداسين. ان سان گڏ انگليڊ جي عورتن واري ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي  دوري جي منظوري ڏني وئي هئي.

ياد هجي ته ان کان اڳ نيوزيلينڊ جي ٽيم گذريل هفتي مئچ کيڏڻ کان ڪجهه گهڙيون اڳ ۾ راند نه کيڏڻ جو اعلان ڪندي فوري طور تي واپس وطن وڃڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن بعد نيوزيلينڊ مان چارٽرڊ جهاز اسلام آباد پهتو هو ۽ ڪيويز کي کڻي واپس وطن روانو ٿي ويو هو. ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ائين به چيو ته ڪيويز جي ايتري فورس به ناهي جيتري سيڪيورٽي لاءِ اسان نيوزيلينڊ جي ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *