Thursday , March 28 2024

نيوزيلينڊ جي ڪرائسٽ چرچ شهر جي ٻن مسجدن ۾ فائرنگ، 50 ماڻهو اجل جو شڪار

ڪراچي(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي ڊين ايوينيو واري علائقي ۾ مسجد النور۽ وِلن ووڊ مسجدن ۾ دهشتگردن جي فائرنگ  جين تيجي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار، هٿياربندن جي انڌادنڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ 42 کان وڌيڪ نمازي ۽ ٻيا شامل آهن، نيوزي لينڊ جي وزيراعظم پاران واقعي کي تاريخ جو ڪاروترين ڏينهن قرار ڏئي جوابدارن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائڻ جو اعلان ڪيو آهي. نيوزي لينڊ پوليس جي سربراهه مائيڪ بش چيو آهي ته حملي ۾ ملوث 4 دهٽگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نيوزي لينڊ جي ٽيون نمبر وڏي ۽ تاريخي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ دهشتگردن ٻن مسجدن تي حملو ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني.

نيوزيلينڊ پوليس جي سربراهه مائيڪ بش ميڊيا کي ٻڌايو ته، هٿياربندن جي ڊينز ايوينيو مسجد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 42 ۽ لين وُڊ مسجد ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا. نيوزي لينڊ پوليس موجب فائرنگ جي ٻنهي واقعن ۾ مجموعي طور تي 39 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.پوليس دعويٰ  ڪئي آهي ته حملن ۾ ملوث 4 هٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان جاچ هلندڙ آهي. جزيري نما ملڪ نيوزيلينڊ جي مجموعي طور آبادي 42 لک کان وڌيڪ آهي، جنهن ۾ 40 هزار مسلمانن جي آبادي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *