Wednesday , April 24 2024

نيشنل بئنڪ ۾ 185 ملين ڊالرز جي مالي گهوٽالي وارو معاملو

Ali Raza NBP

ڪراچي جي احتساب عدالت، نيشنل بئنڪ ۾ 185 ملين ڊالر ڪرپشن ريفرنس ۾ مفرور جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته بئنڪ جو اڳوڻو صدر ۽ سينيئر ايگزيڪٽيو وائس پريزيڊنٽ ضمانتن تي آزاد آهن.

احتساب عدالت نيشنل بئنڪ ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته نيشنل بئنڪ جو اڳوڻو صدر علي رضا ۽ سينيئر ايگزيڪٽيو وائس پريزيڊنٽ زبير احمد ضمانت تي آهن.عدالت کي ٻڌايو ويو ته سليم الله، پروديپ گين، قاضي نظام سميت بنگلاديش جي مفرور 7 جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سارڪ ملڪن کي خط لکيو ويو آهي، جنهن جو اڃا تائين ڪو به جواب ناهي آيو. عدالت مفرور جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *