Wednesday , April 17 2024

نيب جو ڪمشنر لاڙڪاڻو کي نوٽيس، مختيارڪارن سميت پيش ٿيڻ جي هدايت

نيب ڪمشنر لاڙڪاڻو کي نوٽيس، مختيارڪارن سميت 15 آڪٽوبر تي رڪارڊ سوڌو پيش ٿيڻ جي هدايت

سکر( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) نيب سکر ڪمشنر لاڙڪاڻو کي ڪال اپ نوٽيس جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته مختيارڪارن سميت 15 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو. نيب سکر پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ لاڙڪاڻي جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته، باقراڻي، رتوديرو، ڏوڪري، ڪنڌڪوٽ، سجاول، نصير آباد، قبو سعيد خان، وارهه، ميرو خان، ڪشمور، ٺل، خانپور، ڳڙهي ياسين ۽ ڳڙهي خيرو جي مختيارڪارن کي 15 آڪٽوبر تي نيب سکر ۾ زمينن  جي رڪارڊ سميت پيش ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي. نيب جو چوڻ آهي ته نوٽيس ۾ ڄاڻايل سمورن مختيارڪارن خلاف زمينن جي سيل ڊيڊ، رڪارڊ جي تبديل سميت لاڳاپيل معاملن ۾ بي ضابطگيون ۽ رشوت خوري جون شڪايتون مليون آهن، جن بابت جاچ ڪرڻي آهي

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *