Friday , March 29 2024

نيب چيئرمين غلط الزام هنيا، معافي وٺي يا استعيفيٰ ڏئي: نواز شريف

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف نيب چيئرمين کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، نواز شريف چيو آهي ته نيب چيئرمين مني لانڊرنگ الزام 24 ڪلاڪن ۾ ثابت ڪري يا قوم کان معافي وٺي، نيب پنهنجي ساک وڃائي چڪو آهي، مون کي سزا ڏني وئي ته نه معافي گهرندس ۽ نه ئي رحم جي اپيل ڪندس، 70 سالن کان خلائي مخلوق جو زميني مخلوق سان مقابلو آهي، زميني مخلوق خلائي مخلوق کي شڪست ڏيندي. پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نوازشريف چيو ته 4 مهينن جي اڳ واري ڪالم تي نيب طرفان شروعاتي جاچ ڪرڻ بدران پريس رليز جاري ڪئي وئي، جنهن بعد نيب جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، هن چيو ته هي رڳو منهنجي ڪردار ڪشي ناهي ڪئي وئي پر قومي مفاد کي به نقصان پهچايو ويو آهي، جيڪڏهن مون کي سزا ملي ته مان معافي نه وٺندس نه ئي رحم جي اپيل ڪندس.

نوازشريف چيو ته ملڪ ۾ ستر سالن کان خلائي مخلوق موجود آهي، جيڪا ڪنهن کي نظر نه پئي اچي، خلائي مخلوق سان زميني مخلوق جو مقابلو ٿيندو ۽ خلائي مخلوق کي شڪست ملندي. نيب چيئرمين 24 ڪلاڪن اندر الزام ثابت ڪري يا وري معافي گهري استعيفيٰ ڏئي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب الزام لڳائي رڳو منهنجي ڪردارڪُشي ناهي ڪئي، پر ملڪ جي عوام جي ساک کي به ڇيهو رسايو آهي. نوازشريف چيو ته منهنجي خلاف هڪ اخباري رپورٽ تي ڪارروائي ڪرڻ کِل جوڳو عمل آهي، منهنجي خلاف نيب ريفرنس جو تعلق به سروي ميڊيا رپورٽ سان آهي، جنهن کي پاناما پيپرز جو نالو ڏنو ويو.ن ليگ جي تاحيات قائد چيو ته الزامن جي نوعيت ايتري سنگين ۽ شرمناڪ آهي، جنهن کي نظرانداز ڪرڻ ملڪ جي سياسي، جمهوري ۽ آئيني نظام کي خطري ۾ وجهڻ برابر آهي. نوازشريف چيو ته الزام آهي ته پنج ارب ڊالر جي وڏي رقم ملڪ کان ٻاهر موڪلي وئي، هي رقم مني لانڊرنگ ذريعي موڪلي وئي، جنهن سان ملڪي ناڻي کي نقصان پهتو ۽ ڀارت جي ناڻي وارا ذخيرا طاقتور بڻيا، ڪنهن به محب وطن لاءِ اهڙا الزام برداشت ڪرڻ جوڳا نه آهي. هن چيو ته اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته احتساب جي نالي تي قائم ٿيل ادارو منهنجي خلاف ڪوڙن ۽ هٿ ٺوڪين  الزامن جو مورچو بڻجي چڪو آهي، ڪنهن به جاچ کان بغير هڪ اخباري ڪم کي بنياد بڻائي چيئرمين جي نالي سان پريس رليز جاري ڪرڻ، ڪردار ڪشي ۽ ميڊيا ٽرائل ڪرڻ انتهائي مڪروهه مثال آهي. نوازشريف چيو ته مون وزارت پاڻ ناهي ڇڏي، مون کي وزارت عظميٰ تان هٽائڻ جو فيصلو ٿي چڪو هو، ڪو بهانو نه مليو ته اقامي کي بنياد بڻائي خواهش پوري ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *