Wednesday , April 24 2024

نيب ٿاڻو بولاخان مان 10 هزار ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي ( سنڌ سماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب مختلف وقتن تي ڪارروايون ڪري پ پ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر جي علائقي ٿاڻو بولا خان ۾ 10 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي ڪيل قبضا ختم ڪرائي زمين سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏي آهي. نيب ترجمان پاران ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، ڄاڻايل زمين جي 731  ايڪڙ ايراضي ٿاڻي بولا خان جي ديهه بابر بند ۾آهي، ٻي زمين ٻين ديهن ۾ آهي. هن چيو ته نيب اختيارين 17 اپريل 2018 تي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جيڪي روينيو رڪارڊ ۾ جعلي داخلائن ۾ ملوث آهن. نيب ترجمان چيو ته جوابدار سرڪاري ملازمن سان گڏجي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪري سرڪاري زمين جي غلط داخلا ڪري قبضا مافيا کي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهن. نيب ترجمان چيو ته سپر هاءِ وي جي آسپاس 10 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين جعلسازي ذريعي مختلف هائوسنگ اسڪيمز کي الاٽ ڪئي وئي، جنهن جي قيمت تقريبن 75 ارب  روپيا  آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *