Wednesday , April 24 2024

نيب پاران بلوچستان جي اڳوڻي وزير صادق عمراڻي خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع

اسلام آباد( سنڌسماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيئرمين بلوچستان جي اڳوڻي وزير صادق عمراڻي خلاف سرڪاري زمين سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب نيب چيئرمين ڪلرڪ ايسوسي ايشن بلوچستان جي تڪراري 15 ايڪڙ زمين سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ اڳوڻي صوبائي وزير صادق عمراڻي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب ترجمان موجب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال، نيب ڪي پي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ياور حسين بنگش خلاف به ڪرپشن جي شڪايتن تي جاچ جي منظوري ڏني آهي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته ڪرپشن جو خاتمو قوم جي آواز آهي.هن چيو ته نيب قوم جي خواهش تي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ بنا ڪنهن فرق جي احتساب تي عمل ڪري رهيو آهي.نيب چيئرمين چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جي مڪمل خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *