Saturday , April 20 2024

نيب وارن ڏاڍا ڏکيا سوال پڇيا، سوال نامون به ڏنو: قائم علي شاهه

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته نيب وارن ڏاڍا ڏکيا سوال پڇيا، نيب راولپنڊي آڏو پيش ٿي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ٺٽو شگرملز جي سبسڊي ۽ دادو شگرملز جي وڪري بابت سوالن جا جواب ڏنا. قائم علي شاهه نيب آڏو پيش ٿي دادو شگرملز جي سستي اگهه تي وڪري بابت بيان قلمبند ڪرايو، قائم علي شاهه کان نيب اختيارين ٺٽو شگرملز کي سبسڊي ڏيڻ بابت به سوال پڇيا ويا. نيب ۾ پيشي کانپوءِ قائم علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته، نيب وارن دادو شگرملز جي وڪري ۽ ٺٽي شگر ملز جي سبسڊي بابت سوال پڇيا. هن چيو ته نيب وارن سوال ڏاڍا ڏکيا پڇيا وري هڪ سوالنامون ب ه ڏنو آهي جنهن جو جواب وڪيلن سان صلاح مشوري بعد ڏيندس.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *