Tuesday , March 19 2024

نيب عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ شاهه محمود قريشي کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) توشا خانا ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، سندس گهرواريءَ بشريٰ بي بي کي نوٽيس جاري، نيب عرمان خان ۽ بشريٰ بي بي کي 9 مارچ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. توشاخانا جا تحفا خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ واري ريفرنس ۾ عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي نيٺ نيب جي ريڊار تي اچي ويا آهن، نيب عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي نوٽيس جاري ڪندي کين 9 مارچ تي نيب اسلام آباد ۾ پيش ٿيڻ جي هدات ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان ۽ سندس گهرواريءَ بشريٰ بي بي کي 9 مارچ تي طلب ڪيو ويو،

سڀني کي نوٽيس جاري، نيب جي نوٽيس ۾ عمران خان کان توشا خانا مان ورتل 7 تحفن بابت سوال ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب نيب ٽيم توشا خانا جي جاچ لاءِ گڏيل عرب امارات به ويندي.

نيب اسلام آباد پي ٽي آءِ جي سينيئر وائيس چيئرمين ۽ اڳُني وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، دفاع اوري اڳوني وزير پرويز خٽڪ ۽ فواد چوڌري کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، نيب شاهه محمدو قريشي ۽ پرويز خٽڪ کي 7 مارچ ۽ فواد چوڌري کي 8 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *