Saturday , April 20 2024

نيب سان پلي بارگين ۽ وي آر ڪندڙ سنڌ حڪومت جي 300 کان وڌيڪ ڪامورن خلاف ڪريڪ ڊائون جون تياريون

ڪجهه ڪامورا علاج سميت مختلف بهانا ڪري موڪل وٺڻ جي تيارين ۾، وي آر ۽ پلي بارگين ڪندڙ ڪامورا ايڪس پاڪستان ليو به وٺڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳا

انهن ڪامورن جي ڌار فهرست ٺاهي ويندي جن وي آر ۽ پلي بارگين ڪرڻ کانپوءِ عهدن تي مقرر ٿيڻ بعد اهم فيصلا يا وري ترقياتي ڪمن، خريدارين جا ٽينڊرز جاري ڪري انهن کي مڪمل ڪيو ويو هجي

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد      سنڌسماءَچار) ڪرپشن ڪيسز ۾ نيب سان پلي بارگين ۽ وي آر ڪندڙ 300 کان وڌيڪ ڪامورا سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ مقرر، سيڪريٽرين کان وٺي هيٺئين عهدن تي ٻيهر مقرر، فهرستون تيار ٿيڻ جو سلسلو جاري، ذريعن جو چوڻ آهي ته مستقل طور نوڪرين مان نيڪالي سان گڏ ٻيون سخت ڪارروايون ڪرڻ تي به غور. ڪرپشن الزامن هيٺ ڪيسن ۽ ريفرنسز کي منهن ڏيندڙ سنڌ حڪومت جي نائين گريڊ کان 20هين گريڊ جي مختلف عهدن جي ڪامورن ۽ عملدارن خلاف هڪ وڏي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب نيب ۾ ڪرپشن ڪيس ريفرنسز توڙي انويسٽيگيشنز کي منهن ڏيندي نيب سان پلي بارگين ۽ وي آر ڪري پاڻ کي آجو ٿيڻ بعد ٻيهر سيڪريٽريز، ڊي جيز، ڊائريڪٽرز سميت هيٺئين گريڊز ڪامورن ۽ ٻين عهدن تي مقرر ٿيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري پاران سنڌ جي سمورن کاتن جي سيڪريٽريز کي خط لکي اهڙن ڪامورن جون فهرستون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، چيف سيڪريٽري، سمورين کاتن جي سيڪريٽريز کان فوري طور تي تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 300کان وڌيڪ اهڙا ڪامورا ۽ عملدار آهن جيڪي پلي بارگين ۽ وي آر ڪرڻ باوجود سياسي اثر ۽ رشوت عيوض عهدا حاصل ڪري ورتا آهن. اهڙن آفيسرز ۾ تعليم، گهرو کاتي، خوراڪ کاتي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ورڪس اينڊ سروسز، آبپاشي، مڪاني ادارن واري کاتي، سُڌ سماءَ واري کاتي، ثقافت ۽ سياحت کاتن سميت انهن کاتن جي انتظامن هيٺ ايندڙ مختلف ادارن جي ڪامورن ۽ ننڍن عهدن تي موجود ملازم به شامل آهن، چيف سيڪريٽري پاران طلب ڪيل اهڙي فهرست 19هين ڊسمبر تي ڇنڇر ڏينهن موڪل هجڻ باوجود به تيار ڪري چيف سيڪريٽري جي حوالي ڪئي ويندي، جنهن تي ايندڙ هفتي کان ڪارروايون شروع ڪرڻ وارو مرحلو شروع ڪيو ويندو.

ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ڪيترن ئي ڪامورن پهرين مرحلي ۾ پنهنجا نالا ان فهرست ۾ شامل نه ڪرڻ لاءِ سياسي اثررسوخ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي، انهن ۾ سيڪريٽريز، مختلف کاتن ڊسٽرڪٽ سطح جا آفيسرز، 16هين گريڊ کان گهٽ وارن آفيسرن ۽ ملازمن به پهرين مرحلي ۾ پاڻ بچائڻ لاءِ بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، انهن مان ڪجهه ڪامورا علاج سميت مختلف بهانا ڪري موڪل وٺڻ جي تيارين ۾ آهن، جن مان ڪجهه ايڪس پاڪستان ليو به وٺڻ لاءِ درخواستون ڏئي ڇڏيون آهن. تعليم کاتي جي هڪ ڪاموري نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، نيب سان وي آر ۽ پلي بارگين اُهي سمورا تفصيل سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، سيڪريٽري سروسز کي به هدايت ڪئي آهي ته، اهڙن ڪامورن جي هڪ ڌار فهرست تيار ڪئي وڃي جن وي آر ۽ پلي بارگين ڪرڻ بعد عهدن تي مقرر ٿيندڙ ڪامورن پاران اهم فيصلا يا وري ترقياتي ڪمن، خريدارين جا ٽينڊرز جاري ڪري انهن کي مڪمل ڪيو ويو هجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *