Thursday , April 18 2024

نيب جو حمزه شهبازشريف جي گهر تي ڇاپو،ڪپڙاڦاڙائي واپس رواني

لاهور(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نيب ٽيم پنجاب اسيمبلي  ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز شريف جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي ڇاپي دوران مزاحمت سبب کيس گرفتار نه ڪري سگهي، نيب جي دعويٰ موجب عملدارن تي تشدد ڪري سندن ڪپڙا ڦاڙيا ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم حمزه شهباز جي گهر جي تلاشي ورتي پر کين ڪا به غيرقانوني شئي هٿ نه آئي، ڪجهه ليپ ٽاپس ۽ مختلف ملڪيتن جا دستاويز پاڻ سان کڻي وئي. نيب جي ٽيم ماڊل ٽائون واري علائقي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي 96 ايڇ گهر تي ڇاپو هنيو، نواز ليگ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نيب جي 7 کان 8 اهلڪارن گهر تي ڇاپو هنيو. ڪارروائي دوران شهباز شريف ۽ سندس پُٽ حمزه شهباز گهر اندر موجود هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي ٽيم گهر جي ڪمرن جي تلاشي ورتي ۽ اهو چيو ته کين جاچ جي حوالي سان ڪاغذن جي ضرورت آهي.

نيب جي ٽيم اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ڪارروائي ڪرڻ بعد واپس هلي وئي. نيب اختيارين چيو آهي ته ماڊل ٽائون ۾ ڪارروائي دوران نواز ليگ جي ڪارڪنن نيب ٽيم سان مزاحمت ڪئي ۽ عملدارن کي تشدد جو نشانوڪ بڻايو. نيب بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيم حمزه شهباز کي گرفتار ڪرڻ وئي هئي، ليگي ڪارڪنن جي تشدد بعد گرفتاري کانسواءِ واپس موٽي آئي. شهباز شريف جي وڪيل چيو آهي ته نيب ڇاپي کان 10 ڏينهن اڳ حمزه شهباز کي آگاهه ڪرڻ جي پابند آهي، پر نيب طرفان ڪارروائي کان اڳ آگاهه نه ڪيو ويو.

ان سلسلي ۾ نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته، پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪريل حرڪتن تي لهي آئي آهي، نيب کي هٿيار طور استعمال ڪري ن ليگ ۽ ان جي قيادت خلاف سياسي انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *