Friday , March 29 2024

نيب ترميمي آرڊيننس، قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ وارا شعبا آجا

نيب ترميمي آرڊيننس تحت نيب قانون وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا، پارلياماني ڪميٽين توڙي سب ڪميٽين جا فيصلا نيب جي اختيار ۾ نه هوندا

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نيب آرڊيننس 1999 ۾ ڦيرڦار،  صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيب ترميمي آرڊيننس 2021 جاري ڪري ڇڏيو، ترميمي آرڊيننس کانپوءِ قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ وارن اهم شعبا ٽيڪسز ۾ ڪرپشن، پارلياماني ڪميٽين وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا جي فيصلن تحت ڪيل ٿيل سمورا معاملا نيب کان آجا هوندو، قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته نيب ترميمي آرڊيننس نه پر ميگا اين آر او آهي. تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت پاران نيب آرڊيننس 1999 ۾ ترميمون ڪري، نيب ترميمي آرڊيننس 2021 جو وفاقي ڪابينا پاران منظور ڪيل مسودو قانون واري وزارت صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ڏانهن اماڻيو، صدر ڏانهن موڪليل آرڊيننس واري مسودي تي صدر عارف هڪ کان ٻن ڪلاڪن اندر صحيح ڪري لاڳاپيل اختيارين کي واپس موڪلي ڏنو، جيڪو قانون بڻجي ويو.

نيب ترميمي آرڊيننس تحت نيب قانون اسٽيٽ بئنڪ جي فيصلن تحت ڪو به ڪم نيب جي اختيار ۾ نه هوندو، وفاقي ڪابينا، صوبائي ڪابينا، پارلياماني ڪميٽين توڙي سب ڪميٽين جي فيصلن تحت ڪو به ڪم ٿئي ۽ ان ۾ ڪا ڪرپشن ٿئي ته ان کي به نيب نه ڏسندو. نيب آرڊيننس مطابق وفاقي ۽ صوبائي ٽيڪسز ذريعي قومي خزاني کي مالي نقصان پهچائڻ وارو معاملو، خانگي ماڻهن ۽ بئنڪاري جا معاملا به نيب جي اختيارن ۾ نه هوندا. نيب ترميمي آرڊيننس 2021 موجب هاڻي گڏيل مفادن جي ڪائونسل، اين اي سي، اين ايف سي، ايڪنڪ، سي ڊي ڊبليو پي، پي ڊي ڊبليو پي جا فيصلا به نيب جي اختيارن ۾ نه ايندا، نيب اهن سمورن شعبن/ کاتن/ وزارتن/ ڊويزنز جي معاملن ۾ ڪا به ڪارروائي نه ڪري سگهندو.

ترميمي آرڊيننس ۾ ڪجهه اهم معاملن جي لائين آف ڊائريڪشن تبديل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نيب چيئرمين ۽ احتساب عدالتن جي ججز جي مقرري وارا معاملا هاڻي ماضي جيان نه پر نئين طريقيڪار سان ٿيندا. نيب آرڊيننس 1999 جي شق نمبر 4، 5 ۽ 6 ۾ ڪيل تبديلين سان هاڻي وزيراعظم اپوزيشن ليڊر سان صلاح مشورو نه ڪندو پر ملڪ جو صدر مملڪت نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ قائد ايوان (قومي اسيمبلي)  / وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سان صلاح مشورن کانپوءِ  ئي نيب چيئرمين مقرر ڪن دو، ترميم ۾ اهو به شامل آهي ته جيڪڏهن صدر جو ان معاملي تي وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر مان ڪنهن هڪ سان به اتفاق نه ٿو ٿئي ته پوءِ نيب ڇيئرمين جي مقرري واري معاملي کي نيب چيئرمين جي مقرري بابر قائم پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو، جنهن ۾ 12 ميمبر هوندا، جنهن ڪميٽي حڪومت ۽ اپوزيشن جا هڪ جيترا ميمبر هوندا يعني 50_50 سيڪڙو جي ريشو جي حساب سان ٻڻهي ڌرين جا 6_6 ميمبر ڪميٽي ۾ شامل هوندا.

نيب ترميمي آرڊيننس موجب نئين چيئرمين جي مقرري تائين هاڻوڪو نيب چيئرمين ڪم جاري رکندو، آرڊيننس تحت جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال کي نئين نيب چيئرمين جي مقرري تائين واڌ ڏني وئي آهي، آرڊيننس موجب نئين نيب چيئرمين جي ملازمت جو مدو 4 سال هوندو، جڏهن ته مدو مڪمل ٿيڻ تي نيب چيئرمين کي ايندڙ 4 سالن لاءِ به مقرر ڪري سگهبو، احٽساب عدالتن جي ججز جي مقرري لاڳاپيل هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس سان صلاح مشوري سان ڪئي ويندي، ايڊيشنل سيشن جج کي به احتساب عدالت جو جج مقرر ڪري سگهبو، احتساب عدالت جي جج جي ملازمت وارو مُدو 3 سال مقرر ڪيو ويو آهي.

آرڊيننس موجب ٻيهر مقرري لاءِ مقرري جو طريقي ڪار ئي اختيار ڪيو ويندو پر نيب چيئرمين کي سپريم ڪورٽ ججن جيان ئي هٽائي سگهبو، جڏهن ته نيب چيئرمين پنهنجي استعيفيٰ صدر کي موڪلي سگهي ٿو. نيب ترميمي آرڊيننس 2021 موجب صدر جتي چاهيندو ملڪ ۾ احتساب عدالتون قائم ڪندو، صدر لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مشاورت سان احتساب عدالتن جي ججن جي مقرري ڪندو ۽ احتساب عدالتن جي ججن جي مقرري ٽن سالن لاءِ هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *