Friday , March 29 2024

نيب آڏو پيش نه ٿيندس، ڪنهن ۾ همٿ آهي ته گرفتار ڪري ڏسي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪنهن ۾ همٿ آهي ته گرفتار ڪري ڏيکاري، 70 ماڻهو هجن يا 70 هزار پر هر حالت ۾ لياقت باغ راولپنڊي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جو جلسو ضرور ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) ” اڄ نيب آڏو پيش نه ٿيندس، ڪنهن ۾ همٿ آهي ته گرفتار ڪري ڏيکاري، 70 ماڻهو هجن يا 70 هزار پر هر حالت ۾ لياقت باغ راولپنڊي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جو جلسو ضرور ڪنداسين“ اهو چوڻ آهي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ج، بلاول هائوس ڪراچي ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته، جڏهن به جلسو ڪندو آهيان يا حڪومت خلاف ڳالهائيندو آهيان ته نيب نوٽيس جاري ڪندو آهي، نيب ۽ نيازي جو ڳٺجوڙ پڌرو ٿي چيڪو آهي، بلاول جو چوڻ هو ته نيب مونکي 24 ڊسمبر (اڄ )لاءِ طلبي جو نوٽيس موڪليو آهي، جيڪو غير قانوني نوٽيس آهي، مان اڄ نيب آڏو پيش نه پيو ٿيان، جيڪڏهن ڪنهن ۾ همٿ آهي ته گرفتاري ڏيکاري، هن چيو ته نيب ڪهڙي بنياد تي کيس طلب ڪيو آهي؟ جنهن ڪيس ۾ نيب نوٽيس جاري ڪيا آهن ان ئي  ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ مونکي بيقصور ۽ معصوم قرار ڏنو هو، پوءِ ڇو پيو طلب ڪيو وڃي؟ بلاول چيو ته حڪومت اپوزيشن جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. حڪومت جي اها ليول آهي ته هڪ پٽ کي پنهنجي ماءُ جي ورسي ملهائڻ نه ٿي ڏئي. نيب جي سامهون پيش ٿي سوالن جا جواب ڏنا آهن، پر ڇا خيبرپختونخوا جي ڪنهن وزير کي نيب نوٽيس اماڻيو آهي؟ هن چيو ته عمران خان خلاف نيب جا ڪيس زير التوا آهن، ملڪ ۾ آمراڻي انداز سان حڪومت هلائي پئي وڃي، هڪ ڏوهه به ثابت نه ٿو ٿئي ۽ ڪيس ٺاهيا ويندا آهن. پ پ چيئرمين چيو ته گرفتاري جو ڪو ڊپ ناهي، پر مونکي گرفتار ڪيو ويو ته وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويندس. هن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ۾ همت آهي ته گرفتار ڪري ڏيکاري.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *