Friday , March 29 2024

نياڻي خديجه کوکر جو قاتل پنهنجي ڀاءُ سوڌو گرفتار

ملير (رپورٽر  سنڌسماءَچار) گهگهرڦاٽڪ جي ريلوي ڪالوني ۾ 10سالن جي نياڻي خديجه کوکر کي اغوا ڪري حوس جو نشان بڻائڻ بعد کيس قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار، پوليس جوابدار فرحان کوکر، سندس سهولتڪار شاهن پنهور جا نالا ايف آءِ آر ۾ شامل ڪرڻ لاءِ عدالت کان اجازت وٺڻ جو فيصلو. گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان مارشلنگ ِيارڊ ريلوي ڪالوني ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا بعد نياڻي خديجه عرف خوشي کوکر کي حوس جو نشانو بڻايو هو، جوابدار کي سڃاڻڻ تي کيس قتل ڪري ڇڏيو هو. بن قاسم پوليس جو چوڻ آهي آهي ته شڪ جي بنياد تي گرفتار ٿيل جوابدار فرحان پنهور پُڇاڳاڇا دوران اعتراف ڪيو آهي ته هُن نينگري خديجه کي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو هو، خديجه کيس سڃاڻي ورتو هو، انڪري هُن خديجه کي پنهنجي ڀاءُ شاهن پنهور جي مدد سان تشدد ڪري گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ لاش کي پاڻي جي ٽئنڪي ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شڪ جي بنياد تي گرفتار ٿيل 16 مان جوابدارن جي پيءُ ستار پنهور سوڌو 14 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويندو، جڏهن ته فرحان ۽ سندس ڀاءُ شان پنهور جا نالا توڙي دهشتگردي جا قلم خديجه کوکر جي ڪيس ۾ شامل ڪيا ويندا. وحشت جو نشانو بڻائڻ بعد بيدرديءَ سان قتل ٿيل خديجه کوکر جو گهر گرائونڊ فلور تي آهي، جڏهن ته جوابدارن جو گهر ٻئين ماڙ تي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *