Saturday , April 20 2024

نوڪريون به نٿا ڏيو، پنڻ به نه ٿا ڏيو: خواجاه سرائن جو سنڌ حڪوم خلاف احتجاج

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ پوليس پاران خيرارت وٺي پيٽ پاليندڙ خواجا سرائن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني آهي، کدڙا فقير سنڌ حڪومت خلاف رستن تي نڪري آيا، ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري ڪندي فقيرن چيو ته، سنڌ حڪومت کين نوڪريون ب ڌه نه ٿي ڏئي ۽ پني پيٽ گذر ڪرڻ خلاف به رڻ ٻاري ڏنو آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن مان پهتل کدڙن فقيرن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کنيل کدڙا فقير اختيارين خلاف نعريبازي ڪئي. کدڙن فقيرن چيو ته، حڪمرانن طرفان پوليس سوڌو ٻين کاتن ۾ کين نوڪريون ڏيڻ جا اعلان ته ڪيا ويا پر عملي طور اُنهن تي عمل ناهي ٿيو، مٿان وري کين پنڻ کان به روڪيو وڃي ٿو. هنن چيو ته هو خيرات وٺڻ وڃن ٿا ته پوليس وارا سندن خلاف ڪارروائي ڪن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته پنڻ نٿا ڏيو ته نوڪريون ڏيو، جيڪڏهن نوڪريون نٿا ڏيو ته سندن پنڻ خلاف پڪڙ ڌڪڙ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *