Thursday , April 25 2024

نون ليگ جي حڪومت پاران لڳايل بجلي جي منصوبن تي خرچيل رقم جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت، ن ليگ جي دور ۾ لڳايل بجلي جي سمورن منصوبن جي آڊٽ جو فيصلو ڪري ورتو، فواد چوڌري چيو آهي ته گذريل حڪومت جي دور ۾ بجلي جا مهانگا منصوبا لڳايا ويا، بجلي جا اگهه نيپرا کي طئي ڪرڻا پوندا آهن ۽ هيءَ ادارو تحريڪ انصاف نه پر ماضي جي حڪومتن قائم ڪيو هو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ لڳايل قائد اعظم سولر پاور پلانٽ دنيا جو مهانگو پلانٽ آهي، ڀڪي، حويلي بهادر شاهه، ساهيوال ڪول، پورٽ قاسم پلانٽس ۾ دنيا جي مهانگي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته گذريل حڪومت دعويٰ ڪندي رهي ته هن بجلي جا سستا يونٽ لڳايا، ن ليگ جي آخري ٻن سالن ۾ بجلي جي قيمت وڌي 15 رپيا 53 پئسا ٿي، ان قيمت ۾ پيدا ٿيل بجلي صارفين کي 11 رپيا 71 پئسا في يونٽ فراهم ڪيو پيو وڃي.

ه ن ليگ مجرماڻيون ڪارروائيون ڪيون، معاشي منصوبي کانسواءِ ئي فيصلا ڪيا ويا ۽ ڳرن قرضن جو بار عوام تي وڌو ويو.سندس چوڻ هو ته، گذريل حڪومت جي غلط پاليسين جو الزام موجوده حڪومت تي هڻڻ درست ناهي، احتساب جي عمل تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي، ڪرپٽ عنصرن جو احتساب جو فيصلو حڪومت نه پر عوام جو آهي. جڏهن هو چوندا هئا ته ڦورن جو احتساب ٿيڻ گهرجي ته چيو ويندو هو ته اهي لفظ مناسب ناهن، ڇا اهو طريقو درست آهي، جيڪو پاڪستاني عوام سان ڪيو ويو. فواد چوڌري چيو ته ڪنهن ڦورو خلاف ڪارروائي ٿيڻ تي جمهوريت خطري ۾ پئجي ويندي آهي، ماڻهن کي ڄاڻ ئي ناهي سندن بينڪ اڪائونٽس ۾ اربين رپيا نڪري رهيا آهن. هن چيو ته بجلي جا اگهه نيپرا کي طئي ڪرڻا هوندا آهن ۽ هيءَ ادارو تحريڪ انصاف نه پر ماضي جي حڪومتن قائم ڪيو هو، نيپرا آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن بجلي جا اگهه نه وڌايا ته معيشت تي وڌيڪ بار پوندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *