Friday , March 29 2024

نون ليگ تي پابندي جو سوچجو به نه، مريم نواز وفاقي حڪومت کي خبردار ڪري ڇڏيو

گجرانوالا جي جلسي وزيراعظم کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي، هي هاڻي تمام گهڻو گهٻرائي رهيا آهن: مريم نواز

ڪراچي(چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز وفاقي حڪومت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته، نون ليگ تي پابندي جو سوچجو به نه، ن ليگ ملڪ جي وڏي عوامي جماعت آهي، حڪمرانن کي ڀڄڻ جو به دڳ نه ملندو. ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته، عمران خان کي رشتن جي به سڃاڻپ ناهي، هو مون ۽ بلاول تي ڪرپشڻ ۽ ڪم نه ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. عمران خان ! اوهان ٻڌايو ته اوهان جي چُلهي جو خرچ ڪير هلائيندو آهي، اوهان جي جهازن جا خرچ ڪير ٿو ڀري، اوهان ته ماني به پراون پئسن جي کائيندا آهيو. مريم نواز جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته، پي ڊي ايم جي گجرانوالا جي پهرين جلسي کانپوءِ وزيراعظم جون وايون بتال ٿي ويون آهن، هن جي اسلام آباد ۾ ڪيل تقرير مان لڳي رهيو هو ته، حڪومت هاڻي وائڙائپ جو شڪار ٿيندي پئي وڃي، هي پنهنجي ڏوهن جو به پاڻ ئي اعتراف ڪري رهيا آهن. مريم نواز وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته، نواز شريف پنجاب ۾ ميٽرو ٽرين جا 3 منصوبا 80 ارب رپين ۾ مڪمل ڪيا ۽ اوهان جي ترقي اها آهي ته پشاور بي آر ٽي منصوبو 120 ارب رپيا ڳڙڪائي ويو آهي ان جي باوجود به بسن کي باهه ڇو لڳي رهي آهي.

سنڌ حڪومت پاران ٻيٽن بابت وفاقي حڪومت سان ڳالهين، اين او سي ڏيڻ ۽ آرڊيننس جي ڪنهن ڪنهن کي خبر هئي؟

نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪيترن ئي ساللن کانپوءِ ڪراچي اچڻ ٿيو ته مونکي شهيد بينظير ڀٽو جي ياد اچي وئي،بينظير ڀٽو شفيق ماءُ جيان ملاقات ڪئي، جيڪا نه وسرندي، هن چيو ته عوام جي طاقت جو خوف عمران خان جي چهري تي نظر آيو، چئو ٿا گهٻرائڻو ناهي پر توهان ته هڪ ڏينهن ۾ گهٻرائجي ويا آهيو. هن چيو ته ڪالهه هڪ شخص پنهنجي ناڪامي جو رڙيون ڪري ماتم ڪيو، ان شخص کي ٻڌايو آهي ته وڏن جي ويڙهه ۾ ٻارن جو ڪم ناهي هوندو. مريم نواز چيو ته عمران خان منهنجو مذاق اڏائڻ لاءِ مونکي ناني ڪوٺيو، هڪ جي نه ٻن ٻارن جي ناني آهيان، ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي، ناني ماءُ جي به ماءُ هوندي آهي، اوهان رشتن جو تقدس پائمال ڪيو، جن ماڻهن کي رشتن جو احترام نه هجي انهن جو نالو به کڻڻ پسند نه ڪنديس، هن بلاول ڀٽو زرداري کي مخطاب ٿيندي چيو ته، بلاول صاحب! اڄ اچو ته عهد ڪيون ته اتحاد ۾ هجون يا اليڪشنز ۾ هڪٻئي جا مخالف پر احترام وارا رشتا برقرار رهن. هن وزيراعظ۾ کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان ڌرڻو هنيو نواز شريف هڪ ڏينهن به پريشر ۾ نه رهيو، هي ته هڪ ئي جلسي ۾ پنهنجو هوش حواس وڃائي ويٺا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *